راڌڻ لڳ ٽريڪٽر تان ڪري پورهيت فوت

راڌڻ ( ن ع آ )راڌڻ ڀرسان ڳوٺ ميرمحمد واهه جو پورهيت نوجوان 35ورهين جو معشوق علي بروهي پٽ غلام حيدربروهي ٽيڪٽرٽرالي تي ڪمائي ٻچن جو پيٽ پاليندڙ ساڳئي ٽرالي جي ٽڪر لڳڻ سبب شديد زخمي ٿيو، جنهن کي زخمي حالت ۾ لاڙڪاڻي نيو ويو جيڪو زخمن جا تاب نه سهندي رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو،  جڏهن ته اهڙواطلاع ملڻ تي گهرڌڻين ۾ قهرام مچي ويو،هوڏانهن ٿرڙي محبت پوليس لاش تعلقه ميهڙاسپتال کڻي وڃي ضروري ڪاروائين بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏڏيوجنھن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنھن مٽ مائٽ دوست وڏي انگ ۾ شامل فوتي کي اباڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾ الين آکين مٽي حوالي ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.