پني عاقل جي ڪچي ۾ جهيڙو، 15 ڄڻا زخمي

پنوعاقل (رپورٽ: نور محمد سومرو) پنو عاقل جي ڪچي واري علائقي ۾ گودپور ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ مٺو انڍڙ جي رهواسين تيچاچڙ برادري جي ماڻهن پاران حملو ڪيو ويو، لٺين ۽ ڪهاڙين جي آزاداڻي استعمال سبب انڍڙ برادري جي هڪ پيرسن عورت سميت 9 ڄڻا معروف انڍڙ، جلال انڍڙ، زاهد انڍڙ، عالم انڍڙ، سعدل انڍڙ، حنيف انڍڙ، گاهي انڍڙ زخمي ٿي پيا ۽ چاچڙ برادري جا 6 ڄڻا سائينداد چاچڙ، يوسف چاچڙ، شعبان چاچڙ، عبدالڪريم چاچڙ، دائم الدين ۽ سرور چاچڙ زخمي ٿي پيا زخمين کي فوري طور تي پنوعاقل جي تعلقي اسپتال آندو ويو جن مان انڍڙ برادري جي هڪ ڄڻي جلال انڍڙ ۽ چاچڙ برادري جي هڪ ڄڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ ڪري کين پنوعاقل تعلقي اسپتال جي ڊاڪٽرن پاران سکر جي اسپتال منتقل ڪيو ويو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي ڌرين کي وڌيڪ وڙهڻ کان روڪي ورتو. جنهن صورت ۾ جهيڙو ختم ٿي ويو معاملي جون حد جي گودپور ٿاڻي تي 2 ڌار ڌار رپورٽون داخل ڪيون ويون آهن. هنن ايس ايس پي سکر عرفان سمون، ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي ۽ ايڊيشنل آءِ سکر ڪامران فضل پنجوتا کان اپيل ڪندي چيو تج معاملي جي شفاف نموني جاچ ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.