حڪمرانن کي عوام سان ڪا دلچسپي ناهي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ.ر) عوامي تحريڪ جي  مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي جي صدارت ۾ گذريل ڏينهن پليجو هائوس قاسم آباد ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ سنڌ، ملڪ ۽ عالمي صورتحال تي غورويچار ڪيو ويو ۽ سموري سنڌ ۾ عوامي تحريڪ جي تنظيم جو جائزو ورتو ويو ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي چيو ته سنڌ سميت سموري ملڪ جو عوام هٿرادو ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت سبب بک مري رهيو آهي ۽ هتان جو نام نهاد چونڊيل حڪمران ڪرپشن ڪرڻ ۽ پيسا گڏ ڪرڻ ۾ مصروف آهي. سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت جو عوام سان ڪو به تعلق ناهي. هن چيو ته هاڻ اها ڳالھ ثابت ٿي چڪي آهي ته حڪمرانن کي وفاق جي ايڪاين جي عوام سان ڪا به دلچسپي ناهي. صوبن جا وسيلا زمينون، ٻيٽ ۽ دريا کپن ته جيئن حڪمران انهن کي وڏين وڏين ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ عوام دشمن ۽ سامراجي پٺوئن کي کپائي پاڻ ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي عيش ۽ آرام سان رهن. اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي سينئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو، جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، نائب صدر ايڊوڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، ايڊوڪيٽ وسند ٿري،  ستار رند، جاکرو نوحاڻي،  عارب ڪيڙانو، عمراھ سمون، ماھ نور ملاح، سڀاني ڏاهري، ڪائنات ڏاهري، ايڊوڪيٽ ساجد حسين مهيسر، عبدالرحمن سمون، سرواڻ جتوئي، امتياز جتوئي، لال جروار، منان شيخ، اقبال جروار، هرچند لال، مٺاخان لاشاري، عارف جوڻيجو، ڊاڪٽر دلدار لغاري، نور محمد ٽالپر، پرديپ گلاب، ايڊوڪيٽ غفار ملڪ، پرويز ميمڻ، محبوب راهوجو، ايڊوڪيٽ راحيل ڀٽو، اسماعيل خاصخيلي سميت ٻين مرڪزي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.