مانجهند ( ن ع آ ) مانجهند ڀرسان ڳوٺ ابڙا ۾ آبادگارن ۽ ايس يو پي اڳواڻ محمد عمر ابڙو ۽ ڪارڪنن طرفان شاهه اويس قرني ڪئنال لاءِ الڳ بجلي فيڊر منظور ڪرائڻ تي مڃتا طور ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه کي آجياڻو ڏنو ويو جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ زميندارن هارين علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سيد جلال محمود شاهه خطاب ڪندي چيو ته شاهه اويس پمپنگ اسڪيم تاريخي اسڪيم آھي جنهن جي ڊزائين سائين جي ايم سيد بنگلاديش ۾ لوهي ٻيڙي تي اسڪيم هلائڻ تي هن اسڪيم جي ڊزائين ڪرائي جيڪا اهڙي طرز جي ملڪ ۾ پهرين اسڪيم هئي، ھن وڌيڪ چيو ته تعلقي مانجهند ۾ ترقي ۾ وڏي رڪاوٽ پيئڻ جي پاڻي زراعت جي پاڻي ۽ ٻارڻ جي گئس جو فقدان آھي، لوڊشيڊنگ سبب آبادگارن کي 8 ڪلاڪ به پاڻي نه پئي مليو جنهن ضرورت کي محسوس ڪندي سخت جدوجهد ۽ لکپڙھ ڪري 5 ڪروڙن جو ٽينڊر ڪرايو واپڊا وارن کان ڪم وٺڻ ڏاڍو مشڪل هوندو آھي پر مسلسل ڪوششن سان 5 ڪروڙ جي لاڳت سان بجلي جو الڳ فيڊر وٺڻ ۾ ڪامياب ٿياسين امير علي ٿيٻو،خدا بخش ٿيٻو، درياءُ خان لغاري، بابل لطيف کوسو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.