سڪرنڊ ۾ جسقم پاران سيد جي سالگرهه، ڪيڪ ڪاٽيو ويو

سڪرنڊ  ( ن ع آ ) سڪرنڊ جسقم بشير خان سٽي پاران سائين جي ايم سيد جي 117 هين سالگره جي تقريب مهڙ ڪالوني ۾ ڪوٺائيوئي. جنهن ۾ جسقم تعلقي سڪرنڊ جي اڳواڻن سميت سياسي سماجي اڳواڻن صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جسقم تعلقي سڪرنڊ جي صدر مسعود شاهه چيو ته سائين جي ايم سيد قومپرستي جا بنياد وجهي سنڌي قوم کي شعور ڏنو. سائين پنهنجي اڪثر زندگي جيل اندر گذاري. ان باوجود به سائين سنڌ جي خوشحالي جا خواب ڏٺا. ان موقعي تي برڪت جلباڻي ، عالم ڪيريو ، الڻ سنڌي ، ارباب سولنگي ، ڪامريڊ الياس جوڻيجو ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي سائين جي ايم سيد جي 117 هين سالگره جو ڪيڪ سٽي جسقم پاران ڪاٽيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.