عمران خان سنڌ جي ٻيٽن تي راتاهو هنيو آهي:رياض چانڊيو

ڪراچي (پ ر)جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو,چيو آھي ته, عمران سرڪار ۽ پ پ  سنڌ ۾ معاشي بدحالي کي جنم ڏنوآھي,سنڌ جي مالي دولت,سنڌ جي ترقي ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاء خرچ ڪئي وڃي هان ته بک جو خاتمو ٿي وڃي هان,پر هتي جيڪو اقتدار ۾ اچي ٿو ان جي ترجيح سنڌ جي ڦرلٽ جي ڪاروبار کي وڌائڻو آھي,اهڙن خيالن جو اظهار هن سائين جي ايم سيد جي 117هين سالگره جي تيارين لاء ڪراچي ڊويزن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو هن وڌيڪ چيو ته 15جنوري تي ڪشمور کان ڪراچي تائين سنڌ جي هر شھر ۾  مشعل بردار ريليون ڪڍي سائين کي ڀٽا پيش ڪئي  ويندي, جڏھن ته 17 هين جنوري تي سن ۾ جلسه عام ڪيو ويندو محاذ سربراه چيو ته عمران حڪومت,ٻيٽن سميت سنڌ جي زمين تي راتاهو هنيو آھي,هن وٽ سنڌ جي ترقي جو ڪو به پروگرام ناهي هي ڏاڍ  ڏمر جي سرڪار آھي جنهن حق , انصاف جي توهين ڪئي آھي, اجلاس ۾ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدر ممتاز علي بروهي خصوسي شرڪت ڪئي  محاذ ڊپٽي سيڪريٽري غفارميرجت شوڪت سومرو,امتياز بروهي,قادر لغاري,نثارچانڊيو,۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.