سڪرنڊ اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ تان جهيڙو، احتجاج، ڪيس داخل

سڪرنڊ ( ن ع آ ) سڪرنڊ ۾ رات دير سان ڳوٺ دڙي مگسي جو رهواسي آصف مگسي پنهنجي هڪ ساٿي سميت ڪار ۾ سوار ٿي پنهنجي نياڻي کي ايمرجنسي ۾ ٽراما سينٽر ۾ تعلقي اسپتال سڪرنڊ ۾ علاج لاءِ وٺي آيو اتي موجود ڊاڪٽر ڊاڪٽر عليرضا بروهي کي مريض ڏيکاري دوائن جي گهر ڪئي مگر اسپتال ۾ دوائون نه هئڻ ڪري ڊاڪٽر پرائيويٽ اسٽور تان دوائون خريد ڪرڻ لاءِ پرچي ڏني ان دوران آصف مگسي ناراض ٿي ڊاڪٽر سان منهن ماري ڪري کيس مبينا مارڪٽ ڪئي بعد ۾ آصف مگسي ۽ سندس ساٿين اسپتال جي ٽراما سينٽر جا شيشا ۽ فرنيچر ڀڄي ڇڏيو ان دوران سڪرنڊ پوليس پڻ پهچي وئي مگر پوليس ٽراما سينٽر ٻاهران خاموش تماشائي بڻيل رهي ۽ حملي آورن خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان مڪمل انڪار ڪندي چيو ته پهرين ٿاڻي تي پهچي ڪيس داخل ڪرايو پوءِ ڪارروائي ڪنداسين. ٻئي طرف آچر ڏينهن تعلقي اسپتال سڪرنڊ آڏو اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر نصير ميمڻ سميت پيراميڊيڪل اڳواڻ معشوق علي , سيد بابو شاهه , علي حسن انڙ , واحد بخش پرهياڙ جي اڳواڻي ۾ واقعي خلاف سخت ڪندي نعريبازي ڪئي وئي اڳواڻن چيو ته سڪرنڊ پوليس واقعي وقت پهچڻ باوجود ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي، آءِ جي نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.