ٽنڊي آدم لڳ زهريلي چانهه پيئڻ سبب 8 ڄڻا بيهوش

ٽنڊوآدم ( ت ر ) ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ محمد خاصخيلي ۾ زهريلي چانهن پيئڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جي 4 ٻارڙن سميت 8 ڀاتي بيهوش اسپتال داخل رپورٽ موجب ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ محمد خاصخيلي ۾ زهريلي چانهن پيئڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 8 ڀاتي 30 ورهين جي وزيران زال مور ، 25 ورهين جي صائمه زال وحيد علي ، 25 ورهين جي ياسمين زال عيدن ، 50 ورهين جو ساجن پٽ قائم  ۽ سندس 4 ٻارڙا 12 ورهين جي آجنا  ڌيءَ ساجن ، 11 ورهين جي شاهين ڌيءَ ساجن  ، 9 ورهين جي ملڪان ڌيءَ ساجن  ۽ 5 ورهين جو شاهن  پٽ ساجن بيهوش ٿي ويا جن کي تعلقه اسپتال ٽنڊوآدم آندو ويو جتي ڊاڪٽرن کين طبي امداد ڏيئي هوش ۾ آندو ويو سندن حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي ۔.

لکي غلام شاھ لڳ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 2 نوجوان زخمي

لکي غلام شاھ(ت ر) لکي غلام شاھ لڳ سکر شڪارپور روڊ تي دودو اسٽاپ وٽ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ زوردار ٽڪر 2 نوجوان زخمي اسپتال داخل، (رپورٽ موجب) لکي غلام شاھ لڳ سکر شڪارپور روڊ تي جهان خان ٿاڻي جي حد دودو اسٽاپ وٽ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ لکي واسي 2 نوجوان عباس علي مھر ۽ محسن مهر سخت زخمي ٿي پيا جن کي رستي ويندڙن سول اسپتال لکي منتقل ڪيو جتي علاج ڪيو ويو.

ٽنڊي آدم ۾ عورت ڪاوڙجي زهر پي ڇڏيو

ٽنڊوآدم ( ت ر ) ٽنڊوآدم ۾ 30 ورهين جي پرڻيل عورت پاران گهروارن کان ناراض ٿي زهر پي اپگهات ڪرڻ جي ڪوشش اسپتال داخل رپورٽ موجب ٽنڊوآدم جي ڳوٺ خير محمد مري ۾ 30 ورهين جي پرڻيل عورت الله ڏتي زال وسايو گهروارن کان ناراض ٿي زهر پي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي تعلقه اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي ۔.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.