لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي آزادي لاءِ بک هڙتال

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل درزي ۽ پرائمري اسڪول ٽيچر ٻن نوجوانن جي آزاديءَ لاءِ سندن وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي جتي هنن پنهنجي پيارن جي تصويرن وارا بئنر هٿن ۾ کڻي نوجوانن جي آزاديءَ جو مطالبو به ڪيو. ان موقعي تي شهر جي نظر پاڙي جي رهواسڻ ڀينرن اقصيٰ دايو، افسانه دايو پنهنجي معصوم ڀائيٽي فاطمه، نوجوان ڪاشف علي ٽڳڙ جي پيءُ عبدالڪريم ٽڳڙ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته 29 مئي 2017ع تي لاڙڪاڻي شهر جي نظر پاڙي مان درزي انصاف دايو ۽ ايوب ڪالونيءَ مان 3 آگسٽ 2018ع تي پرائمري استاد ڪاشف علي ٽڳڙ کي کنڀي گم ڪيو ويو هو جن جو اڃان تائين ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هنن چيو ته اسان جا نوجوان ڪنهن به ڏوهاري سرگرمي ۾ ملوث نه آهن ۽ نه ئي سندن مٿان ڪنهن به ٿاڻي تي ڪو ڪيس داخل آهي پر ان جي باوجود کين کنڀي گم ڪري اسان سان وڏي ناانصافي ڪئي وئي آهي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف دايو ۽ ڪاشف علي ٽڳڙ کي آزاد ڪرائي گهر ڀاتين کي اذيت واري زندگي مان نجات ڏياري وڃي.

گهوٽڪي ۾ مال گاڏي جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل آبپاشي کاتي جو سينيئر ڪلارڪ فوت

گهوٽڪي (ڊ ر) ڪراچي کان پنجاب ويندڙ مال گاڏي جي ٽڪر ۾ ريلوي ڦاٽڪ ڪراس ڪندڙ قادريه فيڪٽري پاڙي جو رهواسي آبپاشي کاتي جو سينيئر ڪلارڪ حاڪم جي ولد تينو مل مينگهواڙ شديد زخمي ٿيو هو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيميار خان اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو، پر رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

کرڙاهه لڳ موٽر سائيڪل جو گڏهه گاڏي سان ٽڪر، 3 زخمي

کرڙاھ ( ن ع آ ) کرڙاھ کان ٺري ميرواھ ويندڙ روڊ تي مرڙو اسٽاپ لڳ ٻن تيز رفتار موٽر سائيڪلن جو سامهون ايندڙ گڏھ گاڏي سان زوردار ٽڪر، جنهن ڪري موٽر سائيڪل سوار ٻه ڄڻا ويٺل ڳوٺ محمد شاھ جا جن جو تعلق بالادي برادري سان آهي،جيڪي شديد زخمي ٿي پيا، جن مان هڪ جي ٽنگ موقعي تي ڀڄي پئي، هوڏانهن ٻئي موٽر سائيڪل تي سوار عزيز ٻانڀڻ پڻ سخت ٿي پيو، جڏهن ته گڏھ گاڏي تي سوار قدير ملاح شديد زخمي ٿي پيو، اينمبولينس نه پهچڻ ڪري زخمي اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ روڊ تي تڙپندا رهيا، اڌٻڪلاڪ کان پوءَ پوليس پهچي ڪري زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.