تنگواڻي ۾کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ ريلي ڪڍي ڌرڻو، باهيون

تنگواڻي(رپورٽ : مھتاب ملڪ) تنگواڻي ۾ چئن ڏينهن کان کنڀي گم ڪيل نوجوانن هاشم گجراڻي، ضمير گجراڻي ۽ سهيل گجراڻي جي آزادي لاءِ مين بس اسٽينڊ تي ٽائرن کي باھيون ايس ايڇ اوجي زيادتين خلاف گجراڻي برادري پاران سلطان گجراڻي، عرفان گجراڻي، حسين گجراڻي، فرمان گجراڻي،علي رضا گجراڻي جي اڳواڻي احتجاج ڪيوويو، احتجاج سبب شهر اندر داخل ٿيندڙ گاڏيون بيهجي ويون، هنن احتجاج ڪندي چيو تہ گذريل 4 ڏينهن کان پوليس نوجوانن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جن مٿان ڪيس داخل آهن تہ کين چالان ڪري ڪورٽن ۾آندو وڃي، هنن چيو  خدشو آهي تہ ايس ايڇ او حبيب الله مهر ڪٿي نوجوانن کي هاف فرائي ڪري ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي نہ ڇڏي، هنن ايس ايس پي ڪشمور امجد احمّد شيخ کان گُهر ڪئي ته نوجوانن کي ظاهر ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.