لاڙڪاڻي ۾ مبينا اغوا ٿيل پورهيت نوجوان جي آزادي لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي نظر محلا جي رهواسين پاڪ ڪتاب کڻي ساڍا 5 مهينا اڳ مبينا اغوا ٿي ويل بڪسيٽ وڪروڪندڙ پورهيت نوجوان اياز احمد کوسو جي بازيابيءَ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي گم ٿيل نوجوان جي پيرسن والد محمد وارث کوسو پنهنجي ٻن گهر وارين تاج بيبي، جنت خاتون ۽ معصوم ٻارن سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته منهنجو نوجوان پٽ 22 سالا اياز احمد کوسو بسڪيٽ وڪرو ڪري گهر جي گذر سفر ۾ منهنجي مدد ڪندو هو جيڪو پهرين جولاءِ 2020 جي شام جو گهران نڪري گهمڻ لاءِ نظر پاڙي مان پراسرار نموني گم ٿي ويو ان لاءِ اسان پاڪ ڪتاب کڻي آسپاس جي علائقن، مٽ مائٽن ۽ سندس جي دوست ۾ ڳولا ڪئي پر هن وقت تائين سندس جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هن الزام لڳائيندي چيو ته اسان کي شڪ آهي ته پٽ اياز احمد کوسو کي نظر پاڙي جي بااثر ماڻهن غلام مصطفيٰ کوسو، سندس ڀاءُ صوبدار کوسو ۽ ڀائيٽي عبدالحميد کوسو اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو جن خلاف 12 سيپٽمبر تي مون حد جي رحمت پور ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي پر پوليس هن وقت تائين پٽ کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي ۽ نه ئي ملوث جوابدارن گرفتار ٿي سگهيا آهن. هنن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪرڻ سان گڏ شفاف جاچ ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.