ٺٽي ۾ڳوٺاڻي پاران پٽ جي گمشدگي خلاف احتجاج

ٺٽو(ڊ ر)مڪلي ويجھو ڪي ڊي اي واھ ڪناري ڳوٺ سيد وريل شاھ جي رھواسي سيد جمال شاھ پنھنجي گم ٿي ويل معصوم 12 سالہ پٽ صدام حسين شاھ جو ڦوٽو کڻي مڪلي پھچي صحافين اڳيان دانھيندي چيو تہ سندس پٽ صدام حسين شاھ ڳوٺ ويجھو ٻاپڙا موري تي ھڪ ديني مدرسي ۾ زير تعليم آھي، جيڪو ڪالھ ڇنڇر جي ڏينھن شام جو 4 وڳي مدسي مان موڪل ٿيڻ تي گھر ايندي رستي مان گم ٿي ويو آھي. ھنن چيو تہ سندس پٽ جي گمشدگي جي رپورٽ پڻ مڪلي ٿاڻي تي درج ڪرائي آھي، پر پوليس ڪجھ بہ ڪرڻ لاء تيار ناھي. ھن چيو تہ کيس خدشو اھي تہ ڪٿي سندس پٽ کي اغوا نہ ڪيو ويو ھجي، ان ڪري اھڙو خدشو مڪلي پوليس کي پڻ ٻڌائي ڪجھ ماڻھن جي نشاندھي ڪرائي اھي، پر پوليس ڪجھ بہ ڪرڻ لاء تيار ناھي، سيد جمال شاھ چيو تہ ھو پٽ جي اوچتو گم ٿي وڃڻ ڪري پاڻ سميت سندس سمورا گھر ڀاتي سخت پريشان آھن، ھن چيو تہ پٽ جي گم ٿي وڃڻ جو اطلاع ٺٽي مان چونڊيل ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي کي پڻ ڏنو اٿم، پر اڃان تائين گم ٿي ويل پٽ جو پتو پئجي ناھي سگھيو. جمال شاھ ايس ايس پي ٺٽو سميت سمورن وس وارن کي پٽ جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.