لاڙڪاڻي واسي شاگرد ٽن ڏينهن کان گم، وارث پريشان

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي صديقي ڪالوني واسي بي اي جو شاگرد 19 سالن جو نوجوان غلام اصغر علي سانگي ٽي ڏينهن اڳگهران نڪري جمعي نماز پڙهڻ لاءِ ويو ته واپس ڪو نه موٽيو آهي جنهن ڪري سندس گهر ڀاتين گهر ۾ پاڪ ڪتاب جو ورد شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي پراسرار نموني گم ٿي ويل نوجوان شاگرد جي ڀاءُ علي اڪبر سانگي ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته ڀاءُ غلام اصغر سانگي گذريل جمعي جي ڏينهن جمعي نماز پڙهڻ لاءِ شهر جي جعفري امام بارگاهه ويو جنهن کان پوءِ هو واپس گهر ڪو نه موٽيو کيس شهر جي مختلف علائقن ۾ ڳولا ڪرڻ سميت حد جي حيدري ٿاڻي جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو پر هن وقت تائين ڀاءُ جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي جنهن ڪري سمورا گهر ڀاتي سخت اذيت ۾ مبتلا آهيون. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد ڪري کيس صحيح سلامت گهر موٽايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.