مانجهند ۾ معاوضا نه ملڻ خلاف نوجوانن جو ڳانا پائي انوکو احتجاج

مانجهند ( رپورٽ: بابو عمراڻي ) مانجهند کي سوئي گئس روزگار ڪميونٽي فنڊ زمينن جا معاوضا نه ملڻ خلاف ايس يو پي جي ميزباني ۾ جوڙيل قدرتي وسيلا جدوجهد ڪميٽي جي سڏ تي مرحليوار احتجاج ڪيو ويو، خاڻوٺ ۾  نوجوانن پاران بيروزگاري کان تنگ اچي ملنگ بڻجي ڳچي ۾ ڳانا پائي علامتي گداگري ڪري انوکو احتجاج ۽ بک هڙتال ڪري يونائيٽڊ انرجي پاڪستان گئس ڪمپني ۽ ڊي ڄامشورو خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي ڪنوينر ايڊووڪيٽ خدا بخش ٿيٻو،  مولانا سڌير، احمد رند، غلام حسين ملاح،  قمرالزمان ڪوريجو، حق نواز مڱڻھار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته علي آباد ۽ انڙپور مان گئس جي وڏي مقدار ۾  پيداوار ملڻ باوجود تعلقي مانجهند جي شھرن توڙي ڳوٺن کي ٻارڻ لاءِ گئس نه پئي ڏني وڃي. جنهن سبب عورتون آليون ڪاٺيون ۽ ڇيڻا ٻاري رڌ پچاءُ ڪن ٿيون، جنهن ڪري نظر ڪمزور ۽ بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويون آھن  روزگار  تي مقامي نوجوانن بدران ٻين ضلعن ۽ صوبن جي ماڻھن کي ترجيح ڏيڻ ڪري هتان جا مقامي نوجوان خودڪشيون ۽ پنڻ تي مجبور آھن تعليم صحت ۽ ڊرينيج سسٽم تباهه لڳو پيو آھي، قدرتي وسيلا جدوجهد ڪميٽي سان عوامي احتجاج دوران لکت ۾ تسليم ٿيل مطالبن بابت ڪيل معاهدي تي عمل ٿيڻ تائين پرامن عوامي جدوجهد جو سلسلو جاري رهندو ۽ ان جو دائرو پڻ وسيع ڪري سگهون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.