نوابشاهه ۾ ڀٽي برادري جو عورتن سميت ايس ايڇ او خلاف ڌرڻو

نوابشاهه (ڊ ر) نوابشاهه جي علائقي مھراڻ ڪالوني جي رھواسي ڀٽي برادري جي عورتن ذوليخان، روبينه، عزت ۽ ٻين ايئرپورٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او اويس مڱريو خلاف نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران ھٿن ۾ پيٽرول جي بوتل کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي عورتن جو چوڻ ھو تھ ايئرپورٽ ٿاڻي جو ايس ايڇ او اويس مڱريو 7 ٻارن جي پيءُ علي حسن ڀٽي کي گذريل ڏينھن موبائل جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪري کڻي ويو آھي جڏھن تہ ھاڻي آزادي لاءِ 50 ھزار رشوت گھري ٿو، ھنن چيو ته اسان مسڪين آھيون 50 ھزار ڪٿان ڏيون، ايئرپورٽ ٿاڻي جو ايس ايڇ او اسان سان ظلم ڪري ٿو، ھنن چيو ته اسان جي ماڻھو موبائل چوري ئي ناھي ڪئي ان کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪري کڻي ويو آھي جيڪا اسان سان ناانصافي آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته گل حسن ڀٽي کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان پيٽرول ھاري پاڻ کي باھه ڏئي خودڪشي ڪنداسين جنھن جو ذميوار ايئرپورٽ ٿاڻي جو اويس مڱريو ھوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.