حيدرآباد ۾ دڪان کي باهه، لکن جو سامان رک

حيدرآباد(رپورٽر) مارڪيٽ جي علائقي اناج مارڪيٽ ۾ اوچتو گيهه جي دڪان کي باهه وڪوڙي وئي. جنهن سبب لکين رپين جو گيهه۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته اناج مارڪيٽ ۾ قائم گلزار آئل ڪمپني جي گدام کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي جنهن سبب گدام ۾ پيل ڪيترائي گيهه جا ڪارٽون ۽ پيڪيٽ سڙي رک ٿي ويا. اطلاع تي فائربرگيڊ عملي پهچي باهه تي ضابطو آندو. متاثر گدام مالڪ جو چوڻ آهي ته بجلي نه هئڻ سبب جنريٽر هلايو ويو. ڪافي دير تائين جنريٽر هلڻ سبب بجلي جون تارون گرم ٿيون ۽ اسپارڪنگ ٿيڻ کانپوءِ گدام کي باهه وڪوڙي وئي. باهه سبب لکين رپين جو گيهه ۽ ٻيو سامان سڙي ويو آهي. مارڪيٽ پوليس جو چوڻ آهي ته باهه تي فوري رابطي لاءِ فائربرگيڊ عملي کي طلب ڪيو ويو جنهن ڪري ٻيا دڪان ۽ گدام باهه کان محفوظ رهيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.