مٺي ڀرسان ڳوٺ ۾ هڪ ڏينهن واري تعليمي ڪانفرنس

مٺي(بيوروچيف) تعلقي مٺي جي ڳوٺ پاٻوهر ۾  نوجوانن يوٿ فورم پاران هڪ روزه تعليمي ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي جنهن ۾ اسڪول جي ٻارن سماجي، استادن مقامي ماڻھن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.انهي موقعي تي ڳوٺ جي زير تعليم اسڪولي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين تقريرون، ٽيبلا خاڪا ۽ گيت پيش ڪيا ڏ ادب سان لاڳاپيل ماڻھن پنهجي خيالن جو اظھار ڪيو. ادب جي حوالي سان نصير ڪنڀر، راهول راٺوڙ ۽ پريت پال سنگه پنهنجي خيالن جو اظھار ڪيو. انهي موقعي تي نور محمد بجير ڳالهائيندي چيو ته جنهن به علائقي ۾ نوجوان ڪتابن ۽ راندين سان دلچسپي رکن ٿا اهو انهن جو صحت مند زندگي جي پهچان آھي. ڳوٺ جي نوجوانن پاران جيڪو ڳوٺ ۾ لائبريري ٺاهي آھي ان سان ٻارن جو تعليم سان دلچسپي وڌندي. ڪتاب پڙھڻ جو رجحان پيدا ٿيندو. ٻارن جي پارليامينٽ جي وزيراعلىٰ يوراج ٻالاڻي خطاب ڪندي چيو ته ٿر جي نوجوانن کي سکيا جا موقعا گهٽ ملن ٿا اهي تعليم مشڪل حالاتن ۾ حاصل ڪن ٿا پر پوءِ روزگار جلدي نٿو ملي. پاٻوهر جي نوجوانن کي سلام آھي جيڪي هر سال اهڙو پروگرام ڪن ٿا. ٻارن جي پارليامينٽ جو به مقصد آھي تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻو آھي. ان موقعي تي ديال صحرائي، نور محمد اڍيچو، شهباز اڍيچو، ساگر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ٻارن کي نصاب سان گڏ غير نصابي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ گهرجي. جنهن سان ٻارن کي تعليم سان گڏ شعور به ملندو. تعليمي سرگرمين لاءِ ٻارن کي پڙھائي جو ماحول پيدا ڪرڻ هڪ اهم قدم آھي ان لاءِ لائبريري ضروري آھي جنهن ۾ ٻار ڪورس سان گڏ اخبارون پڙھن ٿا ۽ دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين کان آگاه رهن ٿا. آخر ۾ تقريري ۽ ٻين مقابلن ۾ حصو وٺندڙ شاگردن ۾ انعام ورهايا ويا، ڳوٺاڻن به اهڙا پروگرام ڳوٺ ۾ ٿيڻ تي خوشي جو اظھار ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.