معاشرتي بيمارين سان مهذب سماج ناهن جُڙندا!

لاقانونيت، سماجي برايون، منشيات، لاتعلقي، مطلب ته هر اهو عمل جيڪو خسارن جي طرف ڌڪي ٿو سو اڄ وقت جي رفتار سان تيزي طرف وڌي رهيو آهي، جنهن جو اصل اثر نوجوان نسل تي وڌيڪ پوڻ کانپوءِ جيڪا ترقي انصاف پسندي، علم ادب سچائي مخلصي ۽ ايمانداري واري صورت ۾ نظر اچڻ گهرجي ها، سا ان بدران مڪمل طور اونداهي ٿي چڪي آهي. اسان وٽ هڪ طرف بيروزگاري سبب جيڪا ڏکي ڪيفيت موجود هجي ٿي، تنهن جو ته ڪو مثال ئي ڪونهي پر ساڳي وقت واڳ ڌڻين جي لاپرواهي ۽ بي ڌياني سبب جيڪا لاقانونيت جي واءُ گُهلي رهي آهي، ساڳي وقت سماجي براين جو ڪهڙي طرح سان ذڪر ڪجي، هر طرف هن باشعور سماج جو هر فرد مايوسي ۾ مبتلا ٿي فڪرمند رهي ٿو ته خبر ناهي ته هي سماجي برائيون ڪيستائين سندن مقدر جو حصو رهنديون!؟مجموعي طور ڏسجي ته اڄ هر فرض شناس ۽ ذميوار فرد انهي لامحدود اوگڻ عملن پٺيان نه رڳو فڪرمند آهي پر ساڳي وقت انهن جي خاتمي لاءِ گهري سوچ جو حصو رهي ٿو. اڄ جو نوجوان آئنده جو اَبي طور چيو ويندو آهي پر خبر ناهي ته انهي نوجوان کي خبر ناهي ڇو حقيقي راهون نظر نه ٿيون اچن، روز جي رفتار سان انهي موذي مرضن جو شڪار ٿيندا پيا وڃن، جن جو ڪو مستقبل ئي ڪونهي. ڪجهه وقت اڳ جڏهن منشيات فروشي جو ڪاروبار جنهن ۾ خاص طور گٽڪو ۽ مين پُڙي جو نه رڳو وڪرو پر ساڳي وقت اهڙيون شيون واپرائڻ سان جيڪي اثر نوجوان نسل تي پئجي رهيا هئا ته ساڳي وقت درجنين نوجوانن جا لاوارث حالت ۾ لاش به کنيا ويا ۽ اهڙو اِشو هاءِ لائيٽ ٿيڻ کانپوءِ معزز سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي سنجيدگي سان قدم کنيو ۽ روزاني جي بنياد تي اِهڙيون منشيات واريون شيون گٽڪو، مين پُڙي، ايڪيهه سئو توڙي جو ڪچو شراب وڪرو ڪندڙن خلاف وٺ پڪڙ ڪرائي وئي ته ڪجهه وقت لاءِ ٺاپر ته اچي وئي پر اڳتي هلي چيو پئي ويو ته مختلف مقامي سطح جي پوليس انتظاميا پاران زوري انهن منشيات فروشن کان اهڙو ڪاروبار پردي پٺيان هلائڻ لاءِ ڇوٽ ڏني وئي آهي ۽ اڄڪلهه ته اهو نشي جي وڪري جو ڪاروبار اڳ جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو ۽ چئوڻو هلي رهيو آهي، ساڳي وقت جيڪڏهن جوا، آڪڙا پرچي جو ذڪر ڪجي ته ان ۾ به ڪا گهٽتائي نظر ڪونه ٿي اچي، روز جي بنياد تي آيل خبرن موجب نوجوان نسل نشي جي ڪاروبار سان گڏوگڏ وبا جُوا ۽ آڪڙا جي مرض ۾ وڪوڙجي رهيا آهن، جنهن سبب خاندان جا خاندان تباهه ٿي چُڪا آهن.مون کي ان وقت انتهائي افسوس ٿيندو آهي جڏهن اِهو ٻڌندو آهيان ته جُوا جا اڏا پوليس جي سرپرستي ۾ هلن ٿا ۽ مقامي سطح جي پوليس اِهڙن جوا جي اڏن تان منٿليون مقرر ڪري وصول ڪري ٿي، پاڻ کي سوچڻ جي ضرورت آهي ته پوليس مٿان ڪهڙي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ۽ هو اصل ذميواري کان هٽي ڪجهه ڏوڪڙن پٺيان خبر ناهي ڇو اِهڙي لاقانونيت کي هٿي ڏئي رهيا آهن، انهيءَ موذي وبا، جوا ۽ آڪڙا جي حوالي سان اِهي افسوسناڪ خبرون به شايع ٿينديون رهن ٿيون ته اِهڙو عمل ڪندڙ ماڻهو جوا دوران پنهنجي گهر، مال متاءُ به راند ڪندي شرط ۾ رکن ٿا ۽ ڪيترائي ماڻهو پنهنجو گهر ۽ گهرن جو سامان به کپائي ويهندا آهن، ساڳي وقت جڏهن اُهي بدنصيب ماڻهو اهڙين راندين ۾ پنهنجو الهه تلهه لٽائي ٿا ڇڏين، نتيجي ۾ سندن دماغي توازن به ٺيڪ نٿو رهي، ايستائين جو اُهي نوجوان نفسياتي مريض ٿيڻ کانپوءِ چريا ٿي اسپتالن جو رُخ ڪن ٿا. ڪيتري نه افسوسناڪ صورتحال آهي جو اڄ اسان جي هن سماج ۾ جنهن پوليس جو اصل ڪردار ڇا هجڻ گهرجي ها ۽ هن وقت هٿ وٺي هن سماج جي نوجوان نسل کي ڪهڙي طرف ڌڪي خاندان تباهه ڪيا پيا وڃن، منهنجي خيال ۾ انهي سڄي نقصان جي ذميواري انهي پوليس مٿان ئي عائد ٿئي ٿي جيڪا پنهنجي سرپرستي ۾ اهڙا عمل ڪرائي ٿي.اسان جي معاشري ۾ جتي ٻيون ته بُرايون چوٽ چڙهندي پيون وڃن اُتي اڄ هڪ ٻيو خطرناڪ ڪڌو عمل جيڪو وياج جي صورت ۾ اُڀري چُڪو آهي، تنهن بابت انتهائي افسوسناڪ انڪشاف آڏو اچڻ شروع ٿي رهيا آهن، ايتري تائين جو انهي مجبور حالتن کانپوءِ هي لفظ لکندي منهنجو به قلم ڏڪي ٿو وڃين ته اُهو مجبور ماڻهو اهڙي ڪيفيت مان نڪرڻ لاءِ پنهنجا ٻچا ۽ ٻار ڪيئن ٿو وڪڻي، ڪيڏي نه ڏکي گهڙي هوندي جڏهن آدم ڄائو وياج جا پئسا نه ڏيڻ واري صورت کانپوءِ پنهنجن جگر جي ٽڪرن کي ڪلهي تي کڻي هوڪا ڏئي رهيو هوندو ته ”آهي ڪو هي منهنجا ٻچا خريد ڪرڻ وارو“ جو مان وياج جو قرض پورو ڪريان، وياج ڏيڻ يا وٺڻ به رشوت جيان شرعي طور حرام آهي، جهڙي طرح رشوت ڏيندڙ ۽ وٺندڙ ٻئي جهنمي آهن، اهڙي طرح وياج خور لاءِ جهنم ۾ به وڏو عذاب مقرر ڪيل آهي. پر سنڌ جي مڙني ضلعن ۾ جيڪو وياج جي پئسن جو ڪاروبار آهي سو مجموعي طور ٻين براين کان وڌيڪ وڌندو هڪ ناسور جي صورت اختيار ڪندو پيو وڃي، ڪجهه وقت پهريان ڪشمور ضلعي مان هڪ ٻڍڙي عورت صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو هو ته علائقي جو بااثر پٽ کي ڪوڙن وياجن جي پئسن ۾ ڦاسائي هاڻي ته زمين تي به قبضو ڪري ورتو آهي، اهڙي قسم جا ڪيترائي واقعا رپورٽ ٿيندا رهن ٿا، حالانڪ آئون سمجهي سگهان ٿو ته هر لاقانونيت، بي حيائي، سماجي بُرائي جهڙن وڌندڙ واقعن ۾ پوليس جو هٿ ته هوندو ئي آهي پر وياج جي مرض ۾ ڦاسڻ جو سبب هڪ ته بيروزگاري ۽ ٻيو غربت آهي، ٻيو اڪثر اُهي ماڻهو انهي وياج جي چڪرن ۾ ڦاٿل آهن جيڪي ڪاروبار ڪرڻ چاهيندا آهن، حالانڪه اُهي ماڻهو انهن ڪاروبارن کان ايترو واقف به نه هجن ٿا پر پوءِ به پنهنجو پاڻ کي اِهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي وياج خوري جي وڏي عذاب ۾ پاڻ کي مبتلا ڪن ٿا.ڪجهه وقت پهريان منهنجي هڪ هندو دوست سان انهي وياج جي پئسن واري معاملي تي تفصيلي گفتگو به ٿي هئي تنهن مون کي ٻڌايو ته اسانجي مذهب ۾ به وياج يقينن جائز ڪونهي پر جيڪي ماڻهو اِهڙو ڪاروبار ڪن ٿا سو هندو مذهب جي بلڪل خلاف آهي، اسين رڳو هندو ڀائرن کي ڇو ميار ڏيون، اڄ ته اسان جا مسلمان ته ٻه ڀيرا انهي ڪاروبار ۾ اڳڀرا آهن، ڪٿي ڪيش جي صورت ۾ وياج جا ٻيڻا ۽ چؤڻا پئسا وصول ڪن ٿا ته ساڳي وقت موٽر سائيڪلن ڪارن ۽ رَڪشائن جي ڏيتي ليتي واري صورت ۾ اهو وياج وارو ڪاروبار عروج تي پهچائيندي ڪيترائي خاندان تباهي جي ڪنڌي تي پهچايا ويا آهن ۽ اهڙي ڪاروبار کانپوءِ ڪيترائي ماڻهو دل شڪسته ۽ پريشاني جي ور چڙهڻ کانپوءِ خودڪشيون به ڪري چڪا آهن، جنهنجو مثال هر روز ٿر جي مختلف علائقن مان ملندڙ خبرون آهن، جتي اُهي بي وس ۽ لاچار ماڻهو بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ پريشاني حال بعد اهڙو قدم کڻڻ تي مجبور ٿين ٿا.بحيثيت هڪ وڪيل ۽ قانوندان جي آئون سمجهان ٿو ته لاقانونيت، سماجي برايون، منشيات جو عروج تي هجڻ يا وري هن وياج جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هن سماج جي ماڻهن کي انهن عذابن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ حڪمرانن مٿان به اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته هو اهڙي قانونسازي ڪن، جنهن سان اسان جي معاشري مان برائين جو مڪمل طرح سان خاتمو اچي سگهي خاص ڪري وياج جي حوالي سان ته قانونسازي ڪرڻ تمام ضروري آهي ته جيئن اسان جي معاشري جي غريب، مسڪين ماڻهو ۽ پيڙهيل طبقو مصيبتن مان آجو ٿي سگهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.