ڪورونا وبا، بزرگن تي پيل اثر

ايڪهين صدي ۾ ڪورونا وبا سموري دنيا کي نه رڳو متاثر ڪيو پر هي وبا جديد دنيا لاءِ هڪ وڏو چئلينج بنجي آڏو آئي آهي.چين جي شهر ووهان کان شروع ٿيل هن بيماري ۾هن وقت تائين ڏهه لک 36 هزار6 سو32 ماڻهو پنهنجيون حياتيون وڃائي چڪا آهن.  دنيا جي  9 ڪروڙ هڪ لک 77 هزار6 سو 27 ماڻهن کي هن وقت تائين هن بيماري جو وائرس لڳي چڪو آهي . سنڌ ۾ هن وقت تائين 3 هزار 6 سو 93 هن وبائي بيماري ۾ حياتيون وڃائي چڪا آهن. هي سٽون لکڻ تائين دنيا ۾ خاص طور تي شاهوڪار ملڪن ۾ ان جي بچاٰءِ جي ويڪسين لڳائڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي. انهن ملڪن ۾آمريڪا، چائنا، برطانيا ۽ پاڙيسري ملڪ يونائٽيد عرب امارات شامل آهن، اميد ته اسان جي صوبي سنڌ ۾به ويڪسين لڳائڻ جو سلسلو ايندڙ مهيني فيبروري ۾ شروع ٿي ويندو.ڪورونا جتي انسانن جي هر قسم جي سرگرمين کي متاثر ۽ محدود ڪيو آهي، اتي پوري دنيا جي  وڏي عمر جي بزرگن کي ڪجهه وڌيڪ متاثر ڪيو آهي.انگ اکر ٻڌائين ٿا ته هن وبا کان گهڻا متاثر  سٺ سال ۽ ان کان مٿي جا مرد ۽ عورتون ٿيا آهن. تنهنڪري سڄي دنيا ۾ ويڪسين لڳائڻ ۾ اوليت وڏي عمر وارن کي ڏني پئي وڃي.ڪوڊ 19جي وبا جي ڪري پوري دنيا توڙي اسان جهڙن ملڪن ۾ سماجي، اقتصادي،نفسياتي ۽ اخلاقي مسئلا به وڌيا آهن. وڏي عمر وارا فرد جن جي قوت مدافعت اڳئي ڪمزور آهي، هن وقت وڌيڪ مشڪلاتن ۽ خطري هيٺ آهن. هن وبائي حالتن ۾ اولاد پاران پنهنجي وڏي عمر جي والدين جي تيمارداري نه ڪرڻ ۽ گھٽ توجهه ڏيڻ جا ڪيترائي مثال آڏو آيا آهن.سمير جنهن جي 80 سالن جي پوڙهي ڏاڏي، هڪه خوشحال خاندان سان تعلق رکندڙ هئي،ڪورونا سبب سندس پٽن توڙي ڌيئرن ساڻس روزانو ملڻ ذري گھٽ ختم ڪري ڇڏيو هو، جيڪا انهي نظرانداز ڪرڻ ۽ اڪيلائي واري ڪيفيت جو پنهنجي اولاد سان به ذڪر ڪندي رهي پر اولاد جي بي حسي جو هن مٿان ايترو اثر ٿيو جو هوءِ ڪجهه ڏينهن ۾ گذاري وئي. اهڙي قسم جا ٻيا به ڪيترائي مثال آڏو آيا . جيڪي غريب ۽ پيسي جي اڻهوند وارن خاندانن ۾ به ڏسڻ ۾ آيا. جيتوڻيڪ انهن فوتگين جو ڪارڻ ڪورونا وبا ۾ وٺجي وڃڻ کان وڌيڪ سندن اولاد طرفان صحيح  علاج نه ڪرائڻ ۽ کين نظرانداز ڪرڻ هو.ڪراچي جي پوش ايريا ڪلفٽن ۽ ڊفينس جي بنگلن ۽ فليٽن ۾ ڪم ڪندڙ ماسيون جن جو تعلق پنجاب جي سرائڪي علائقي سان آهي، ماسي ڪنيز جنهن جي عمر سٺ سالن کان مٿي آهي ، هوِءَ روزانو صبح کان شام تائين پنجن  گهرن ۾ ڪم ڪندي هئي ڪورونا وبا ۽ سندس وڏي عمر، ماسڪ نه پائڻ، پري کان پنڌ ڪري اچڻ جي ڪري گهر مالڪ ڪورونا جي لڳڻ جي ڊپ کان کيس چئن گھرن جي مالڪن ڪم کان جواب ڏئي ڇڏيو، ڪنيز جيڪا انهي پورهئي جي آمدني مان پنهنجو پيٽ گذر ڪندي هئي پر ڪمائي جو وڏو حصو اولاد ڏانهن رحيم يارخان پڻ موڪليندي هئي، هاڻي سندس آمدني گھٽ ٿيڻ جي ڪري سندس پيٽ پالڻ ۽ گھر جي مسواڙ ڏيڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي.

هڪ پرائيويٽ سيڪيورٽي ايجنسي جنهن جو گارڊ ملازم شهر جي مختلف بنگلن، بينڪن، دڪانن ۽ گھرن جي چوڪيداري تي رکيل هئا. ان ايجنسي جي مئنيجر عرفان ٻڌايو ته اسان ڪورونا جي وبا ۽ سندن وڏي عمر هئڻ جي ڪري پنجاهه کان وڌيڪ ملازمن کي جيڪي ڪيترن سالن کان اسان وٽ ڪم ڪندڙ هئا، کين فارغ ڪري ڇڏيو آهي.جن جي اڪثريت صوبي خيبرپختونخواهه ۽ ٿر واري علائقي سان هئي.ڪراچي جي هڪ وڏي سرڪاري اسپتال جي ڊاڪٽر ٻڌايو ته اسان اسپتال ۾ ڪورونا وائرس ۾ ورتل وڏي عمر وارن جي ڀيٽ ۾ ننڍي عمر وارن کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ، آڪيسجن ۽ وينٽيليٽر جون سهولتون مهيا ڪيون ٿا، نوجوانن جي زندگي کي وڌيڪ اهميت ۽ بچائڻ جو هڪڙو ڪارڻ اسپتالن ۾ ڪورونا جي مريضن جو وڌي وڃڻ ۽ سهولتن جي کوٽ آهي.اسان وٽ اولڊ هومز ۽ شيلٽر هومز جو تمام گھٽ رواج اهي، جيڪڏهن وڏن شهرن ۾ اهڙا ادارا آهن به ته اهي وڌيڪ خانگي ادارا هلائي رهيا آهن انهن ادارن جون فيون مهانگيون آهن جيڪي عام ۽ غريب  ماڻهن جي پهچ کان ٻاهر آهن. اتي جي خرچن کي مالدار ماڻهوئي افورڊ ڪري سگھن ٿا. انهن ادارا هلائيندڙن جو چوڻ آهي ته ڪورونا ۾ انهن ادارن جي گھرج ۾ اظافو ٿيو آهي هاڻي اتي وڏي عمر وارن کي رکڻ لاءِ جڳھه نه رهي آهي. اتي داخل وڏي عمر وارن ۾ ساهه ۽ ڇاتي جي تڪليف جون شڪايتون وڌي ويون آهن تنهنڪري کين سندن روزانه وارين ملاقاتن کي بلڪل محدود ڪيو ويو آهي کين مائٽن سان رڳو موبائل فون ذريعي رابطي ڪرڻ جي اجازت آهي.کاڌي پيتي ۽ دوائن جي قيمتن ۾ ٿيل وڌيڪ اظافي پڻ وڏي عمر ۽ گھٽ آمدني وارن جي زندگين کي گھڻو متاثر ڪيو آهي جن جي اڪثريت جا خرچ سندن اولاد يا مٽ مائٽ برداشت ڪن ٿا. ٻاهتر سالن جو رحيم بخش جنهنجو گذران پينشن جي پگھار تي آهي جنهن جي پينشن جي اڌ رقم دوائن تي خرچ ٿي رهي هئي جنهن دوائن جي اگهن ۾خاص طور تي ڪورونا وارن ڏينهن ۾ ٿيل اظافي ڪري دوائن جي روزانه واري ڊوز ۾ گھٽائي ڪري ڇڏي آهي. اسان جي ملڪ ۾ جتي بزرگ ماڻهن جي لاءِ نه ته ڪي وڏا ادارا يا اولڊ هومز آهن نه ئي ڪو کين حڪومتن طرفان سرڪاري سطح تي ڪي سهولتون ملي رهيون آهن اتي ڪورونا جهڙي عالمي وبا ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر وڏي عمر جي آبادي ٿي رهي آهي.سنڌ حڪومت طرفان سنڌ سينئر سٽيزن ايڪٽ 2014 ، صوبي جي وڏي عمر وارن لاءِ هڪ ساراهه جوڳو قدم آهي جنهن تحت بزرگ شهرين جي خوشحالي ۽ ڀلائي لاءِ ۽ پاليسيون ٺاهڻ، انهن لاءِ سينئر سٽيزن ڪارڊ جاري ڪرڻ، بزرگ شهرين جون قيام گاهون قائم ڪرڻ جهڙا ڪم شامل آهن انکانسواءِ سرڪاري اسپتالن، ڊسپينسرين ۽ ٻين صحت جي مرڪزن تي مفت علاج، ٻيون سهولتون ۽ دوائون فراهم ڪرڻ، سندن پينشن ۽ ٻين رٽائرمينٽ جي فائدن وٺي ڏيڻ ۾ مدد مهيا ڪرڻ جهڙا قدم شامل آهن.  بزرگ شهرين جي ايڪٽ 2014 ۾ حڪومت سنڌ، ضلعي سطح تي بزرگ شهرين لاءِ ”اولڊ ايج هوم“ ٺهرائيندي. جتي بي سهارا بزرگ شهرين کي رهايو ويندو. هن شق ۾ لفظ ”بي سهارا“ مان مراد اهڙا بزرگ شهري جن وٽ مناسب آمدنيءَ جا ذريعا نه آهن. بزرگ شهرين کي مڪمل سرڪاري فنڊن سان هلندڙ اسپتالن ۽ ٻيون جزوي سرڪاري فنڊن سان هلندڙ اسپتالن ۾ بزرگ شهرين کي ممڪن حد تائين بسترا فراهم ڪنديون. اسپتالن ۾ بزرگ شهرين لاءِ الڳ قطارون ۽ ڪائونٽر ٺهرايا ويندا. سڀني ضلعي سرڪاري اسپتالن ۾ علاج لاءِ الڳ سهولت سينٽر قائم ڪيا ويندا. بزرگن جي سار سنڀال، علاج ۽ ٻين مالي ضرورتن لاءِ زڪوات فنڊ ۽ بيت المال فنڊ ۾ حصو مقرر ڪري مدد ڪئي ويندي. بزرگ شهرين جي خاص ضرورتن جي پورائي لاءِ ”بينوولينٽ فنڊ“ قائم ڪيو ويندو.سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (ايس آرايس او) طرفان سنڌ ۾ بزرگ شهرين جي سهائتا ۽ خاص طور تي سنڌ سينئر سٽيزن ايڪٽ 2014 تي مڪمل عملدرآمد لاءِ ڪوشان آهي، انهي لاءِ سنڌ جي چئن ضلعن ملير، جيڪب آباد، ۾ سينئر شهرين جا گروپ قائم ڪيا آهن جيڪي پنهنجي حقن خاص طور تي سنڌ سرڪار پاران ڏنل سهولتن تي مڪمل عمل ڪرائڻ لا۽ ڪوشان آهن.ته جيئن هن ايڪٽ جي رولس آف بزنس کي جلد کان جلد جوڙي، سينئر سٽيزن ايڪٽ 2014 کي مڪمل طور تي لاڳو ڪيو وڃي، جيئن  ڪورونا وبا ۾ سنڌ جي بزرگ شهري جيڪي وبا جي ڪري وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن انهن کي هنن سرڪاري سهولتن جو فائدو ملي سگهي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.