ملير ايڪسپريس وي حقيقت جي آئيني ۾

تاريخ گواهه آهي ته سنڌ ۽ سنڌ واسين سان ويساهه گهاتين جي اڻکٽ سلسلو جاري آهي، ڪڏهن ترقي جي نالي تي ته ڪڏهن دلاسن ته ڪڏهن سبز باغ ڏيکاري ڌرتي ڌڻين کان پنهنجا ماڳ مڪان، آباڻا پٽ، ڳوٺ، وسنديون واهڻ ۽ شهر کسي سنڌ جي تاريخي خطي تي قبضو ڪري ڌارين کي هڪ رٿابندي ذريعي آباد ڪيو ٿو وڃي، پوءِ ڇو نه ان ۾ ”مون پڪ سڃاتا ڪي پنهنجا هئا ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾“ وارو سلسلو بنا ڪنهن روڪ جي هلندڙ آهي، هونئن ته سڄي سنڌ معدني ذخيرن سان مالا مال آهي، پر سنڌ جي گادي وارو هنڌ ڪراچي انتهائي تيز رفتاري سان هڪ ڀيانڪ رٿابندي ذريعي اسان کان ڦري ميگا پراجيڪٽ جي نالي سان ڌارين جي آبادڪاري ذريعي سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. ڪراچي جي پنجين ضلعي ملير جتي ماضي ۾ لينڊ مافيا، ريتي مافيا ۽ پاڻي مافيا  جا اڳئي ئي پير ڄميل هئا، اُتي ڪجهه وقت اڳ هڪ نئين ۽ ڀيانڪ صورتحال سامهون آئي آهي، جنهن کي ڊي ايڇ اي سٽي ۽ بحريا ٽائون جو نالو ڏنو پيو وڃي، هن ڌارين جي نئين آبادڪاري واري منصوبن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ڪي خاص مزاحمتون ان ڪري آڏو نه آيون جو انهن رٿائن پٺيان ملڪ جون طاقتور قوتون گڏ هيون، جنهن هڪ طرف ڌرتي ڌڻين کان زمين حاصل ڪرڻ لاءِ خزانن جا منهن کولي ڇڏيا ته ٻئي پاسي ناليواري انڪائونٽر اسپيشلسٽ اڳوڻو ايس ايس پي ملير رائو انوار بدمست هاٿي کي اقتداري ڌُر جي آڌار تي ميدان تي لاٿو پوءِ جنهن به ڌرتي ڌڻي ڪنڌ مٿي ڪيو ته کيس ابدي آرام گاهه ڏانهن موڪليو ويو، اهڙي سڄي وايو منڊل ۾ هڪ مرد مجاهد ۽ ملير ڌرتي سان ناتو نڀائيندڙ انڊيجينيس رائٽس الائنس ئي معاڏو اٽڪايو، مرد مجاهد فيض محمد عرف فيضو گبول جنهن بحريا ٽائون جي مالڪ جي سڪي سان به خريد نه ڪري سگهيو، اهڙي ڀيانڪ صورتحال کي آڏو رکندي، الائنس ۾ شامل ماضي جا ڪجهه اڳواڻ ملڪ رياض جي پاور ۽ ناڻي آڏو بيهي نه سگهيا ۽ انهن ڌرتي جي مزاحمتي جنگ بدران سنڌ اسيمبلي جون سيٽون ته حاصل ڪيون پر ڌرتي واسين جي هن جنگ ۾ هلي نه سگهيا. تازو هڪ منصوبو جوڙيو ويو آهي، جيڪو بظاهري ته ڊي ايڇ اي سٽي ۽ بحريا ٽائون کي ڊفينس ڪراچي سان ڳنڊڻ لاءِ هڪ نئون منصوبو جوڙيو آهي جنهن جا چرچا اڄڪلهه ميڊيا تي ڇانيل آهن، هن منصوبي کي ملير ايڪسپريس وي جو نالو ڏنو ويو آهي، ملير ايڪسپريس وي جي ٺهڻ سان ملير جون ڪيتريون ئي قديم وسنديون هڪ طرف پنهنجون قدرتي خوبصورتيون وڃائي ويهنديون ته ٻئي ترقي جي نالي سان انهن قديم سنڌي بلوچ وسندين جي تباهي سامهون نظر اچي ٿي، ملير ايڪسپريس وي خلاف گذريل ڏينهن ملير جي حقيقي ڌرتي ڌڻي سراپا احتجاج بڻجي رياست سان معاڏو اٽڪائيندي ان رٿا خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن، اچو ته انهن مهان شخصيتن کان ملير ايڪسپريس بابت سندن ويچار اوهان پڙهندڙن آڏو پيش رکجن ٿا.انڊيجينيس رائٽس الائنس جي سڏ تي ملير ايڪسپريس وي منصوبي خلاف ملير جي شفيع ڳوٺ، سمون ڳوٺ، مگسي ڳوٺ، لاسي ڳوٺ، ميمڻ ڳوٺ، ديهه ملهه سميت ملير ندي جي سوين رهواسين ۽ آبادگارن پاران سياسي سماجي اڳواڻن يوسف مستي خان، گل حسن ڪلمتي، خدا ڏنو شاهه، عبدالخالق جوڻيجو، يعقوب خاصخيلي، حنيف دلمراد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اولڊ ٿاڻو پاڪستان هوٽل کان ڄام ڳوٺ ملير تائين احتجاجي ريلي ڪڍي پيادل مارچ ڪيو ويو، ريلي ۾ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مظاهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ايڪسپريس وي منصوبي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ملير ۾ ترقي جي نالي تي تباهي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي، ملير ۾ جيڪي به منصوبا آندا ويا آهن اهي ترقي جي نالي تي مقامي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ، گهرن ۽ ڳوٺن جي تباهي جو سبب بڻيا آهن، جن ۾ بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي، ٻيٽن تي شهر اڏڻ ۽ ايڪسپريس وي جهڙا منصوبا شامل آهن، هنن چيو ته اهڙن منصوبن جي آڙ ۾ قديم ڳوٺن، زرعي زمينن، کوهن، درگاهن ۽ چراگاهن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، سنڌ حڪومت ايڪسپريس وي منصوبو ٺاهڻ وقت ملير جي عوام کي اعتماد ۾ نه ورتو ۽ نه ئي چونڊيل نمائندن کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي، اهو ئي سبب آهي ته چونڊيل نمائندن جا اعتراض اٿارڻ بعد انتظاميا ماڻهن جي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ چونڊيل نمائندن کي ساڻ وٺي روٽ تبديل ڪرڻ جا بهانا ڪري رهي آهي، هنن چيو ته ترقي اتي رهندڙ ماڻهن لاءِ هوندي آهي، هي ڪهڙي ترقي آهي جنهن جو نشانو صدين کان آباد مقامي ماڻهو بڻجن ٿا، اهڙي طرح جي ناانصافي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، هنن سنڌ جي وڏي وزير کي اپيل ڪئي ته ملير ايڪسپريس وي جو روٽ تبديل ڪيو وڃي ۽ مقامي ڳوٺن کي متاثر ٿيڻ کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو، ان موقعي تي رخمان گل پالاري، طارق عزيز بلوچ، اسلم بلوچ، ياسمين چانڊيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.