ملڪ هلائڻ سليڪٽڊ حڪومت جي وس ناهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي قانون ۽ ماحوليات  بابت صلاحڪار بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شهر ۾ تفريحي سرگرمين لاءِ گرائونڊن ۽ پارڪن جو ڄار وڇائڻ جو اعزاز صرف پاڪستان پيپلز پارٽي وٽ  آهي، اهڙن خيالن جواظهار هن ڪراچي جي علائقي آرام باغ ۾ باسڪيٽ بال ڪورٽ جو افتتاح ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رانديگرن سان ڳالهائيندي، هن چيو ته ڏکڻ ضلعي مان پاڪستان جو صدر ۽ گورنر سنڌ منتخب ٿيا، پر هنن هتي ڪو به ڪم نه ڪيو، صرف پيپلز پارٽي ڪم ڪري رهي آهي،  هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جي عوام سان گڏ آهي. چاهي ڪو به سليڪٽ ٿئي پر پاڪستان پيپلز پارٽي جو رشتو عوام سان آهي.هن چيو ته اسين برنس روڊ جي فوڊ اسٽريٽ کي ٺاهي رهيا آهيون ۽ فيصلو ڪيو آهي ته مستقبل ۾ برنس روڊ کي شام 7 وڳي کان 11 بوڳي تائين ٽريفڪ بند رهندي. هن سموري ملڪ ۾ بجلي بريڪ ڊائون  تي شديد ردعمل ڏيندي چيو ته بجلي جي بندش سليڪٽيڊ حڪومت جو ڪارنامو آهي ، نااهلن جي ٽولي عوام جو جيئڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي.هن چيو ته ثابت ٿئي ٿو ته ملڪ هلائڻ سليڪٽيڊ حڪومت جي وس جي ڳالهه نه آهي. وزيراعظم 22 ڪروڙ عوام جي ملڪ کي 11 رانديگرن جي ٽيم سمجهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.