نوشهروفيروز (ڊر +م ڊ) نوشهروفيروز ويجهو پسند جَي پرڻي تان چار حياتيون ڳڙڪائيندڙ سولنگي- ڀرٽ خوني تڪرار جو نبيرو ڪيوويو. جرڳي دوران ٻنهي ڌرين تي هڪ ڪروڙ 80 لک رپيا ڏنڊ جي فتويٰ جاري ڪئي وئي. زرداري هائوس نوابشاهه ۾ مظفر جمالي جِي سرپئنچي ۾ جرڳو ڪيو ويو. جرڳي دوران ڀرٽ برادري جي ڌر تي ٻن خونن ۽ ناري کي فرار ڪرائڻ جو هڪ ڪروڙ 30 لک رپيا ۽ ٻن خونن جو سولنگي برادري جِي ڌر تي 50 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو.