ڪراچي ۾ ڌرڻن دوران موٽر سائيڪلون ساڙڻ جو ڪيس داخل

ڪراچي ( رپورٽر  ) مچ سانحي خلاف ڪراچي ۾ ڌرڻن دوران شاهراهه فيصل تي 8 جنوري واري ڏينهن موٽرسائيڪلون ساڙڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو، شاهراهه فيصل ٿاڻي تي سرڪاري مدعت ۾ ڪيس نامعلوم ماڻهن خلاف داخل ٿيو، ذريعن موجب شاهراهه فيصل تي 8 جنوري صبح جو مچ سانحي خلاف ڌرڻو لڳل هو ان دوران اڻ ڄاتل ماڻهن پهچي شهرين کي موٽرسائيڪلن تان لاهي سندن 6 موٽرسائيڪلون ساڙي ڇڏيو جڏهن ته مظاهرين تي پڻ پٿراءُ ڪيو. اهڙي واقعي جو ڪيس گذريل ڏينهن شاهراه فيصل ٿاڻي تي سرڪاري فرياد تي نامعلم ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب واقعي جا فوٽيج حاصل ڪيا پيا وڃن ۽ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.