ڪوٽ مير محمد ۾ قتل ڪيل 3 ڳوٺاڻن جا قاتل گرفتار نه ٿيا، لاش رکي ڌرڻو

ڪوٽ مير محمد(رپورٽ: عبدالرحيم عباسي) ڪوٽ مير محمد  ويجهو اوڍا – ڀٽا ۽ ناريجا برادرين وچ ۾خوني تڪرار تان  حملي ۾ مارجي ويل ڀٽا برادري جي ٽن ڄڻن جي لاش وارثن روڊ تي رکي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو، خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪري مڙهه دفن ڪرايا ويا.گذريل ڏينهن فيض محمد ٻِڊو ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ڀٽا واهڻ ۾ سومهڻي جي نماز پڙهي مسجد مان موٽندڙن مٿان فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي ويل ٽن ڄڻن سراج احمد ڀٽو، ابوبڪر ڀٽو ۽ احمد رحمان جا لاش وارثن ٺيڙهي ويجهو ٻٻرلوءِ قومي شاهراه تي رکي ڌرڻو هڻي  احتجاج ڪيو، جنهن دوران روڊ بند ٿي ويو،  6 ڪلاڪ بعد ايس ايس پي سکر عرفان سمون ۽ اي ايس پي خيرپور جي خاطرين تي ڀٽا برادري جي ماڻھن قومي شاهراهه تان ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو. جنهن بعد ٽنهي مقتولن جا لاش دفن ڪيا ويا. مقتولن جي وارثن صدرالدين ڀٽو، حاجي نبن ڀٽو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي پوليس اهلڪار سميت 4 ماڻھن کي پهريان به عالماڻي ناريجا جي روپوش ڌاڙيلن قتل ڪيو هيو هاڻ به اسان جي 3 نوجوانن کي قتل ڪري اسان سان وڏو ظلم ڪيو آھي  ياد رهي ته ڪوٽ مير محمد جي علائقي ۾ گذريل ٽن سالن کان جاري تڪرار ۾ 3 پوليس اهلڪارن سميت ڀٽا. اوڍا. ۽ عالماڻي ناريجا برادرين جا 15 ماڻھون قتل ٿي چڪا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.