چڪ لڳ نوجوان تي سڱ چٽي، سندس ڀيڻ زوري پرڻائي نکيٽي ڪرائي وئي

لکي غلام شاھ(رپورٽ: نديم جان مهر)چڪ ڀرسان ڳوٺ مٺل ڪرسي جتوئي ۾ ڪارنهن بابت جرڳي ۾ نوجوان کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو.   سڱ چٽي ۽ 15 لک ڏنڊ جي فتوى ڏئي ناري جو زوري نڪاح ڪرائي رخصتي ڪرائي وئي. ڳوٺ مٺل خان ڪرسي ڀرسان گهر پنهنجا ۾ چڱي مڙس ميول پٽ طيب ڪرسي جتوئي برادري جي چڱن مڙسن سان گڏجي  ڪارنهن الزام جو جرڳو ڪري الزام هيٺ آيل نوجوان علي حسن پٽ علي گل ڪرسي جتوئي کي دلي جان ڪرسي جتوئي سان ڪارو قرار ڏيئي الزام هيٺ آيل نوجوان مٿان هڪ سڱ چٽي ۽ 15 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو ڏنڊ واري رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪرڻ جي فتوى ڏني ويئي. نوجوان علي حسن جي نوجوان  ڀيڻ کي قادر بخش عرف قادرو پٽ عبدالرسول ڪرسي جتوئي سان زبردستي نڪاح ڪرائي رخصت ڪيو ويو .جرڳي ۾ منظور پٽ ڪجلو، ممتاز،جاني، مٺو، امان الله پٽ جيئو دلي جان،علي جان ڪرسي، رشيد ۽ ٻي ڌر جا علي گل ڪرسي شريڪ ٿيا. چڪ پوليس جرڳي تي اکيون ۽ ڪن بند ڪري ڇڏيا.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.