سنڌ ۾ ڪورنا سبب 6 فوت، 829 نوان ڪيس

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ۾ وڌيڪ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪورونا جا وڌيڪ 829 ڪيس ظاهر، 6 مريض حياتيون وڃائي ويٺا،ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته هن وقت 18564 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 17668 گھرن ، 11 آئسوليشن سينٽرن  ۽ 885 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. 778 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 77 مريض وينٽيليٽر تي منتقل  ڪيل آهن. وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ 609، حيدرآباد ۾ 34، ميرپورخاص ۾ 19، بينظير آباد ۾ 18، ٽنڊي الهيار ۾ 17، گھوٽڪي ۽ ٺٽي ۾ 13_13، سانگهڙ ۾ 12، ڄامشوري ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ 9_9 ڪشمور ۾ 8، خيرپور ۾ 6، لاڙڪاڻي ۾ 5، قمبر ۽ جيڪب آباد ۾ 4_4، نوشهروفيروز ۽ سکر ۾ 3_3، سجاول ۾ 2، بدين ۽ شڪارپور ۾ هڪ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي.

بلاول جي مصطفيٰ نواز سان تعزيت

اسلام آباد (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر سانپيءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي آهي.بلاول ڀٽو زرداري سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر جي رهائشگاهه پهتو، جتي هن قومي اسيمبلي جي اڳواڻي ڊپٽي اسپيڪر حاجي محمد نواز کوکر جي لاڏاڻي تي مصطفيٰ نواز کوکر سان تعزيت ڪئي. پ پ چيئرمين چيو ته حاجي محمد نواز کوکر جي لاڏاڻي تي ايترو ئي ڏکارو آهيان، جيترو سندس خاندان آهي.هن مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ پڻ دعا ڪئي.هوڏانهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پڻ پيءُ جي لاڏاڻي تي مصطفيٰ نواز کوکر سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.