ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي ۾ پنجن ورهين کان رولڙي جو شڪار گرين لائن بس رٿا نه هلي سگهي. ٻن وفاقي وزيرن گرين لائن هلڻ جون ڌار ڌار تاريخون ڏئي ڇڏيون آهن. ايم ڪيو ايم سان واڳيل انفارميشن ٽيڪنالاجي جي وزير امين الحق چيو ته گرين لائن بس جون ۾ هلي ويندي. رٿابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته جولاءِ يا آگسٽ ۾ گرين لائن مڪمل ٿيندي. نواز شريف جي دور ۾ 2016ع ۾ شروع ٿيل رٿا هن وقت تائين مڪمل نه ٿي سگهي آهي. 03