آمريڪا: فاشزم بقابله نيو لبرل ازم

آمريڪا جي ” مثالي جمهوريت“ جو اهڙو حشر ٿيندو اهو ڪنهن جي گمان به نه هو، آمريڪي صدر ٽرمپ نه صرف چونڊن جي نتيجن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو پر هُن پنهنجي فاشسٽ حمايتين کي پڻ ڀڙڪايو جن آمريڪا جي پارليامينٽ ڪيپيٽل هل تي حملو ڪري پارليامينٽ جو تقدس پائمال ڪري ڇڏيو،  ايتري قدر جو چونڊيل نمائندن کي پڻ پناهه وٺڻي پئي. جنهن وقت ٽرمپ جي حمايتن ايوان تي حملو ڪيو ان وقت چونڊن جي نتيجن جي تصديق ٿي رهي هُئي. ڪيپيٽل هل پوليس پهتي به ته ان وقت پهتي جڏهن مظاهرين تباهي ڪري ڇڏي هُئي، نئين چونڊيل صدر جو بائيڊن جو چوڻ هيو ته بليڪ لائيو ميٽرز جي جلوس سان انتهائي بدترين سلوڪ ڪندڙ پوليس، اڇي چمڙيءَ وارن نسل پرستن کي پارليامينٽ تي حملي ڪرڻ لاءِ اجازت ڏئي ڇڏي هُئي. جو بائيڊن جو اهو به چوڻ آهي ته جنهن ماڻهوءَ جمهوريت تي راتاهو هنيو آهي، اهو اڃان اقتدار ۾ آهي، لڳي ٿو ته هاڻي اهو جنوني نيوڪلير بٽن ئي نه دٻائي ڇڏي ۽ ڪنهن ملڪ تي ائٽمي حملو نه ڪري وجهي. جڏهن ته ايوان جي اسپيڪر نينسي پلوسي، چيف آف جوائنٽ اسٽاف سان ملاقات ڪري کيس اهڙي جنونيت روڪڻ جي درخواست پڻ ڪئي آهي، پر هاڻي فوج ڪري به ته ڇا، ڪري جو ٽرمپ اڃان تائين ڪمانڊر انچيف آهي جنهن جي حڪم کي پٺي نه ٿي ڏئي سگهجي، جڏهن ته سندس اهڙو هر حڪم غير قانوني هوندو.

ٽرمپ جي صدارت کي ختم ٿيڻ ۾ اڃان ڏهه ڏينهن آهن ۽ هر هڪ کي اها ئي ڳڻتي آهي ته هو ويندي ويندي ڪو ممڙ نه مچائي وڃي جنهن کي منهن ڏيڻ وري ايندڙ حڪومت جي وس ۾ نه هوندو، اهڙي صورتحال ۾  ٻه رستا بچن ٿا هڪ ته آئين جي آرٽيڪل 25- تحت نائب صدر ڪابينه جي منظُوري ڏئي صدر کي ان جي اختيارن کان محروم ڪري ڇڏي يا وري ڪانگريس پڇاڻي جي تحريڪ آڻي جنهن کي ٻه ڀاڱين ٽي جي اڪثريت سان منظور ڪرائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻن کان ٽي هفتا لڳندا ۽ هاڻي ايترو وقت نه بچيو آهي، ها اهو ٿي سگهي ٿو ته ڪانگريس کيس هميشه لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏي. ٽرمپ نه ته آئين جو رستو روڪي سگهي ٿو ۽ نه ئي وري اڪثريت جي فيصلي کي روڪي سگهي ٿو ته پوءِ سوال هي آهي ته ان آخرڪار جمهوريت کي لوڏن ۾ وجهڻ وارو رستو ڇو اختيار ڪيو ، ٽرمپ جي سياست جو بنياد ئي نفرت تي آهي اچي چمڙيءَ وارن ۽ ڪارن آمريڪين جي قوم پرستي سندس سياست جو بنياد آهي. ٽرمپ جي ڪاميابي پڻ اهڙي ئي عمل ۾ آهي ته آمريڪا کي خوفناڪ نموني ورهائي ڇڏي . ٽرمپ رڳو پنهنجي پڇاڻي واري خوف کان ئي پوئتي هٽيو آهي کيس احساس آهي ته سندس خلاف فوجداري ڏوهن جي بنياد تي ڪيس نه هلايا وڃن ۽  سندس پڃاڻو نه ٿئي. ٽرمپ جي پارٽي ريپبليڪين به انتهائي بدترين نموني رسوا، تضادن ۽ ورهاست جو شڪار ٿي چڪي آهي،  هاڻي ته ٽرمپ جا سوشل ميڊيا تي ذاتي ۽ سرڪاري اڪائونٽ پڻ بند ڪيا ويا آهن پر تنهن هوندي به هُن چائنا شاپس ذريعي پنهنجي پروپيگنڊ جاري رکڻ جي منصوبن بندي ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي.آمريڪي چونڊن کان وٺي، نتيجن اچڻ ۽ اقتدار منتقل ٿيڻ تائين آمريڪي سياست ۽ رياست کي مسلسل ڌهچڪا لڳي رهيا آهن. جڏهن ته 2016ع  ۾ ٽرمپ جو چونڊجڻ، آمريڪي اسٽبلشمينٽ نيولبرل واشنگٽن جي اتفاق راءِ، آمريڪا جي عالمي فوجي صفه بندي، عالمي ادارن، ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن، گڏيل قومن، ايتري قدر جو پيرس ماحولياتي تحفظ کان منهن موڙڻ ۽ سڀ کان پهريان آمريڪا جي نعري تي معاشي صفه بندي ڪرڻ جو جيڪو رستو اختيار ڪيو ويو اهو رستو ئي قومپرستيءَ وارو هيو. ٽرمپ جيڪي قدم کنيا ان مان اهو ئي اندازو ٿي پئي سگهيو ته هو تمام وڏو انقلابي آهي پر دراصل سندس اهڙا قدمن کيس بدترين علائقائي، فسطائي، ۽ توسيع پسنديءَ جو نمائندو بڻائي ڇڏيو جيڪا دراصل کيس سفيد نسلي قوم پرستيءَ جو نمائندو بڻائي ٿي ڇڏي..آمريڪا ۽ دنيا تي غالب نيولبرل ازم کي ته ان نه رڳو تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو پر ان جي جاءِ تي هُو هڪ نئين ورلڊ فاشسٽ آرڊر کي نافذ ڪرڻ جي رستي تي هلي پيو هو، هاڻي آمريڪا فاشزم ۽ ان جي نئين نسل پرستاڻي متعصب رجحانن واري نيولبرل ازم جي ” جمهوري“ نظرئي کي مڃيندڙ وچ ۾ ورهائجي وئي آهي. هاڻي نئون چونڊيل آمريڪي صدر جو بائيڊن پراڻي نيولبرل آرڊر جي بحالي چاهيندو ۽ آمريڪا جي اسٽبلشمينٽ ان سان گڏ هوندي.آمريڪا  جو موجوده بحران دراصل ان سرمائيداري سماج، ماحولياتي تباهه ڪاري، جينياتي بحران، وبائي بحرانن جي شروعات جو دور آهي. دنيا جو امير ترين ملڪ پنهنجي ماڻهن جي صحت محفوظ رکڻ ۾ انتهائي ناڪام ثابت ٿيو آهي، معاشي بحران جي دور ۾ به ان ملڪ جي ارب پتين جي دولت ۾ بي انتها اضافو ٿيو آهي. ڪروڙين ماڻهو محتاج، بيروزگار ٿيا آهن، اهڙي معاشي بحران واري صورتحال ۾ رياست کي ڊالر شايع ڪري ڪارپوريشنز جو پيٽ ڀرڻو پيو ۽ ماڻهن کي سوشل ويلفيئر فنڊز ڏيڻا پيا ته جيئن اهي مارڪيٽ ۾ طلب ۽ رسد جي صورتحال کي قائم رکن.هاڻي جو بائيڊن لاءِ نيوليبرل ازم جي ايجنڊه يعني آزاد منڊيءَ کي قائم رکڻ انتهائي ڏکيو ٿي پوندو، ٽرمپ ازم جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هاڻي کيس ساڄي ڌر جي پارٽين کان مدد وٺڻي پوندي، عالمي سطح تي جمهوري ايجنڊه ۽ ملڪي سطح تي عوامي امگن کي وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون. جو بائيڊن، ٽرمپ پاران چين سان شروع ڪيل اقتصادي ۽ واپاري جنگ ته جاري رکڻ چاهيندو پر ان ڏس ۾ چين اڳ ئي آسيان ۽ يورپي يونين سان واپاري معاهدو بحال ڪري جو بائيڊن جي ڪوششن کان اڳ ئي ان کي جواب ڏئي ڇڏيو. هاڻي آمريڪي ڪارپوريشنز کي عالمي سطح تي پنهنجي هڪ هٽي قائم رکڻ ۾ تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوندو. دولت جي عالمي ۽ مقامي سطح تي غير منصفاڻي ورهاست، وڌندڙ طبقاتي وڇوٽي ۽ جديد اطلاعاتي ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي انقلاب ڪري دنيا جو نقشو تبديل ٿي ويو آهي، هاڻي پراڻي هڪ هٽيءَ واري نظام کي پراڻي سامراجي طريقن سان قائم رکڻ انتهائي مشڪل ٿي پيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ مختلف نمونن جون انتها پسندي، فسطائي، عالمي جمهوري ۽ سوشلسٽ تحريڪون جنم وٺنديون.آمريڪا ۾ فسطائي ۽ نيولبرل ازم وچ ۾ ورهاست وڌي رهي آهي اهڙي عمل مان سماجي تحريڪن جي نئين صورت ۾ نروار ٿيڻ وارو عمل پڻ شروع ٿي سگهي ٿو. اهڙي نموني سڄي دنيا ۾ خاص ڪري ترقي پذير ملڪن ۾ تمام وڏي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي اٿل پٿل ايندي، مجموعي صورتحال مان اها ڳالهه واضع آهي ته سال 2021ع نئين حيران ڪندڙ تبديليون، تباهيون اينديون ۽ نيون عوامي تحريڪون جنم وٺنديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.