پي ايم سي جي تڪراري داخلا پاليسي خلاف ڪراچي ۾ بک هڙتال

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي پاران پي ايم سي جي سنڌ دشمن داخلا پاليسي خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو ، سھيل ڀٽو، نصرالله ڪلادي، تارق خاصخيلي سرور ڪلاديربنواز ملاڻو ، تبسم ملاح حمز علي چانڊيو، اسد مغيري، ڊاڪٽر يوسف خاصخيلي جسقم اڳواڻ الاھي بخش بڪڪ  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻن ڏينهن واري علامتي بک هڙتال شروع ڪئي وئي آهي، بک هڙتال جي پهرين ڏينهن مختلف يونيورسٽين جي شاگردن، سول سوسائٽي جي ماڻهن ۽ ساڃاهه وندن ڀرپور شرڪت ڪئي. سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي مطالبو ڪيو آهي ته پي ايم سي طرفان تازو ورتل ميڊيڪل جي داخلا ٽيسٽ جي نتيجن کي رد ڪري ٻيهر ٽيسٽ ورتي وڃي ۽ بدنيتي تي ٻڌل پي ايم سي کي ختم ڪري سنڌ ميڊيڪل ڪميشن جوڙي وڃي. ان موقعي تي بک هڙتالي ڪئمپ تي خطاب ڪندي سنڌو نواز گهانگهرو چيو ته پي ايم سي سنڌي شاگردن جي مستقبل سان کيڏي رهي آهي، تازو ورتل ٽيسٽ ۾ سنڌي شاگردن جي حقن تي ڌاڙو هڻي ٻين صوبن جي شاگردن کي نوازيو ويو آهي، جنهن کي اسان مڪمل طور رد ڪيون ٿا، ڪنهن کي به سنڌي شاگردن جي مستقبل سان هٿ چراند جي اجازت نه ڏينداسين، اسان پنهنجي حقن جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻون ٿا، پي ايم سي جي سنڌي شاگرد دشمن  داخلا پاليسي خلاف جدوجهد ۾ سڄي سنڌ جا شاگرد اسان سان گڏ آهن، سنڌو نواز گهانگهرو چيو ته پي ايم سي کي نه ٿا مڃون، بدنيتي تي ٻڌل ان اداري کي فوري طور ختم ڪري سنڌي شاگردن جي حقن کي محفوظ بڻايو وڃي، بي صورت ۾ جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪري سگهارو آواز اٿاريو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.