توانائي وزارت ڊگهي بريڪ ڊائون جي ڪارڻ کان اڻ ڄاڻ! گڊو پلانٽ جا 7 اهلڪار معطل

گڊو(رپورٽ: جاويد کوسو)گذريل رات دير سان گڊو ٿرمل پاورهائوس ۾ فني خرابي سبب زوردار ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي بعد هڪ سيڪنڊ ۾سڄو ملڪ اونداهي جي وَر چڙهي ويو. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي سي پي جي سي ايل جينڪو 2 گڊو ٿرمل پاورهائوس جي چيف ايگزيڪيوٽو انجنيئر حماد عامر ٻڌايو ته رات ديرسان گڊو ٿرمل پاورهائوس ۾ فني خرابي جو سگنل ملڻ باوجود ڊيوٽي تي موجود عملي لاپرواهي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ فالٽ نيشنل پاور ڪنٽرول سينٽر ۾ داخل ٿيو ۽ هڪ سيڪنڊ اندر فريڪوئنسي 50 کان گهٽ ٿي 0 ٻڙي تي پهتو جنهن ڪري سڄي ملڪ ۾ بجلي بريڪڊائون ٿي ويئي. ڌماڪي سبب گڊو، ڪوئيٽا، تربيلا، منگلا، غازي بروٿا، مچ، اوچ، مظفر ڳڙھ، ڄامشورو، فيصل آباد ۽ لاهور بجلي گهر سميت ملڪ جا تمام بجلي گهر هڪ ئي وقت بند ٿي ويا. 12 ڪلاڪن بعد مختلف سسٽم هلائي بجلي جي سپلائي بحال ڪئي ويئي. شروعاتي رپورٽ موجب ڊيوٽي ۾ لاپرواهي ڪندڙ اي آر اِي سهيل احمد، انجنيئر ديدار چنو، فورمين علي حسن گولو، آپريٽر سعيد احمد سومرو، آپريٽر اياز ڏهر، اٽينڊنٽ سراج احمد ميمڻ، اٽينڊنٽ چوڌري محمد الياس کي معطل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته واقعي جي تفصيلي جاچ لاءِ 20 اسڪيل جي چيف انجنيئر جي نگراني ۾ 4 رڪني ڪاميٽي جوڙي آهي، ڪاميٽي ٻن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪندي جنهن بعد تفصيل جاري ڪيا ويندا. 16 ڪلاڪن بعد گڊو ٿرمل پاورهائوس جي 747 ميگاواٽ پلانٽ جو يونٽ نمبر 14 هلايو ويو آهي. واضح رهي ته گڊو ٿرمل پاور هائوس جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سميت 3 اهم عهدن تي پرائيويٽ ماڻهون مقرر ڪرڻ بعد هر آئي ڏينهن گڊو ٿرمل پاورهائوس ۾ فني خرابي سبب ڌماڪا ٿيڻ ۽ هلندڙ يونٽن کي باھ لڳڻ معمول بڻيل آهي. هر واقعي بعد ننڍن ملازمن کي معطل ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته واپڊا اٿارٽي ۽ وزارت طرفان ڪابه ڪاميٽي جوڙي جاچ ڪانه ڪئي ويئي آهي. گذريل رات سڄي ملڪ جي بجلي بند ٿيڻ ڪري ملڪ کي اربين روپين جو نقصان پهتو آهي.

 

 

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (م ڊ+نمائندا) بجلي پهچائڻ جي نظام ۾ فريڪوئنسي اوچتو ٻڙي ٿي وڃڻ سبب گذريل رات سڄي ملڪ ۾ اونداهي ڇائنجي وئي ۽ وڏي بريڪ ڊائون کانپوءِ بجلي جي بحالي جو ڪم جاري آهي پر اڃا تائين ملڪ جو وڏو حصو بجلي کان محروم آهي، جڏهن ته توانائي واري وزير عمر ايوب خان چيو آهي ته بجلي جي بريڪ ڊائون جي باري ۾ اڃا تائين خبر نه پئي سگهي آهي، پاور ڊويزن ترجمان موجب رات 11 لڳي 41 منٽن تي گڊو ۾ فالٽ پيدا ٿيو، جنهن سبب ملڪ جي هاءِ ٽرانسميشن ۾ ٽرپنگ ٿي ۽ هڪ سيڪنڊ کان به گهٽ وقت ۾ سسٽم جي فريڪوئنسي 50 کان ٻڙي تي اچي وئي ۽ بريڪ ڊائون ٿي ويو.ان ئي بريڪ ڊائون کانپوءِ ملڪ جي وڏن بجلي گهرن جهلم، منگلا، تربيلا ۾ پاور پاور پلانٽ بند ٿيڻ سبب سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ بجلي جونظام درهم برهم ٿي ويو، ان سان گڏوگڏ آزاد ڪشمير به اونداهي ۾ ٻڏي ويو.پاور ڊويزن اختيارين جو چوڻ آهي ته تربيلا، منگلا ۽ وارسڪ پاور هائوس جي يونٽن مان بجلي جي پيداوار جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ اسلام آباد سميت ٻين هنڌن تي بجلي جي بحالي شروع ٿي وئي آهي.پاور ڊويزن ترجمان موجب فريڪوئنسي ڪِرڻ جو سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.ترجمان ٻڌايو ته سموريون ٽيمون هن وقت پنهنجي پنهنجي اسٽيشن تي پهچي چڪيون آهن ۽ توانائي وارو وفاقي وزير عمر ايوب بجلي بحالي جي ڪم جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي.عمر ايوب عوام کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته هن وقت تربيلا پاور پلانٽ کي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هوڏانهن اين ٽي ڊي سي جي هڪ عهديدار ڊان کي ٻڌايو ته خرابي سبب ڪمپني جي 220 ڪي وي ۽ 500 ڪي وي ٽرانسميشن ۽ گرڊ اسٽيشن ٽرپ ڪري ويو جنهن جي ڪري ڪي اليڪٽرڪ، ليسڪو، ڪيسڪو، ميپڪو ۽ آئيسڪو سميت بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين کي 66 ڪي وي ۽ 132 ڪي وي جي فراهمي متاثر ٿي، بريڪ ڊائون سبب ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، پشاور، ڪوئيٽا سميت ٻين علائقن ۾ اوچتو بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي هئي. هوڏانهن  سڄي ملڪ سان گڏ حيدرآباد ۾ به بجلي جو لڳاتار 20 ڪلاڪ بريڪ ڊائون رھيو، جنھن سبب بجلي تي ھلڻ وارو سمور ڪم ڪار سخت متاثر ٿيو، ڪارخانن سميت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي نشريات به متاثر ٿي، جڏھن ته موبائل نيٽورڪ سميت انٽرنيٽ جي سروس به متاثر رھي، بجلي اھڙي وڏي بريڪ ڊائون سبب حيدرآباد ۾ پاڻي جو به سخت بحران سامھون آيو، لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ 13 ڪلاڪن تائين بجلي جي فراهمي مڪمل طور بند رهي جنهن ڪري سڄو لاڙڪاڻو شهر اونداهي ۾ ٻڏل رهيو، بجلي بند ٿيڻ جي ڪري ڪاروباري توڙي عام زندگي مڪمل طور مفلوج رهي جنهن ڪري شهرين سميت ڪاروباري ماڻهن کي سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو. سيپڪو طرفان لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ آچر رات دير سان بند ٿيل بجلي ڪالهه صبح 11 وڳي کان بعد بحال ڪئي وئي. هوڏانهن بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون سبب شهرين ۾ خوف ۽ هراس ڇائنجي ويو ۽ طرح طرح جي افواهن سبب شهري پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.