حڪمران ٻڌائن ته سياري ۾ بجلي بريڪ ڊائون ڇو ٿيو؟ ناصر شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ سوڌو سڄي ملڪ ۾ بجلي جو بريڪ ڊائون تي سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير  ناصر شاهه وفاقي سرڪار مٿان تنقيدڪندي چيو آهي ته نااهل ۽ سليڪٽيڊ وزيراعظم جي حڪومت ملڪ کي 70 سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو، شروع کان چئي رهيا هئاسين ته ملڪ هلائڻ نااهل حڪمرانن جي وس ۾ نه آهي، کنڊ، ڪڻڪ ۽ پيٽرول کانپوءِ هڪ ٻيو بحران پيدا ڪيو ويو، عوام سليڪٽيڊ حڪمران جو بار کڻي ٿڪجي پيو آهي، گرمين ۾ ته بجلي جو لوڊ هوندو آهي، حڪمران ٻڌائين ته سياري ۾ بريڪ ڊائون ڇو ٿي ويو؟ صوبائي وزير ڪمشنر ڪراچي سان گڏ محمود آباد جو دورو ڪيو ۽ حددخلين خلاف آپريشن جو معائنو ڪيو،هن چيو ته پ پ انهن علائقن ۾ به اربين رپين جا ڪم ڪرايا جتي ان کي ووٽ ناهن مليا، انڪروچمينٽ ۽ نالن جي صفائي ان ڪري ڪرائي پئي وڃي ته شهر ۾ برسات جو پاڻي گڏ نه ٿئي، هن چيو ته محمود آباد جي نالي جي ٻنهي پاسن تي قبضن جو خاتمو ڪيو ويندو، آپريشن دوران جن جا گهر هٽايا ويندا انهن کي متبادل جاءِ ۽ 2 سالن جو ڪرايو ڏينداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.