صنعتي علائقن کي بجلي فراهمي لاءِ ڪوشش ڪريون پيا: ڪي اليڪٽرڪ ترجمان

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪي اليڪٽرڪ پاران ڪراچي جي بجلي مڪمل طور بحال ڪرڻ جي دعويٰ، رهائشي ۽ ڪمرشل ايرياز ۾ بجلي فراهميجاري آهي، ان سلسلي ۾ ڪي اليڪٽرڪ ترجمان جو چوڻ آهي ته ملڪي بريڪ ڊائون بعد ڪراچي ۾ بجلي جي بحالي جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ سمورن رهائشي توڙي ڪمرشل علائقن جي بجلي بحال ڪئي وئي آهي،صنعتي علائقن کي بجلي فراهمي جون ڪوششون جاري آهن هن ٻڌايو ته بن قاسم تي قائم ٻئي پاور پلانٽ آپريشنل آهن، جڏهن ته اهي ٻئي پلانٽ بجلي ٺاهڻ ۾ به اضافو به ڪري رهيا آهن، نيشنل گرڊ اسٽيشن مان بجلي جي فراهمي جو ڪم به جاري آهي، ٽينيڪي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي بجلي جي سپلاءِ ۾ مرحلي وار اضافو ڪيو پيو وڃي.ڪراچي جو ترسيلي ۽ ڊسٽري بيوشن ۽ نظام مڪمل طور تي فعال ڪيو ويو آهي. سمورن علائقن ۽ اهم ادارن جي بجلي بحال آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.