ملير ايڪسپريس وي ۽ ٻيٽن تي والار خلاف ريلي

کوکراپار (ن ع آ) ٻيٽن تي وفاقي والار، ملير جي قديمي ڳوٺن کي ڊاھڻ ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف ايس يو پي ملير طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ڪارڪنن منير نائچ، منير مگسي،لياقت سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ ڌڻي پرتو ڳوٺ کان رزاق آباد تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شريڪ ماڻھن ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ٻيٽن تي وفاقي والار ۽ قديمي ڳوٺن کي ڊاھڻ خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته وفاق سنڌ سان ھميشه ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو آھي، سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آھن،  پر وفاق پنھنجو روايتي ڏاڍ ذريعي اتي  زوري قبضو ڪري شھر اڏڻ چاھي ٿو. جنھن سان ھزارين مھاڻا پنھنجي روزگار کان محروم ٿي ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.