حيدرآباد ۾ جعلي تنظيم ٺاهي ملازم عورت کي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ۾ مبينا طور جعلي تنظيم ٺاهي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ جي بهاني لکين رپيا ٺڳيندڙ ٽولي پاران تنظيم ۾ ملازم طور ڪم ڪندڙ عورت کي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. تنظيم نيشنل ريهبليٽيشن اڪنامڪ ڊولپمينٽ پروگرام (اين آر ڊي پي) جي نالي سان قائم ڪئي وئي هئي. جنهن جي آفيس جي او آر جي علائقي ۾ قائم ٿيل هئي. ان آفيس ۾ ملازمت ڪندڙ حيدرآباد واسڻ رابعه سمون جي او آر ٿاڻي کي هڪ درخواست ڏني آهي. جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته ڄاڻايل تنظيم جو پاڻ کي چيئرمين سڏرائيندڙ وقاص علي ڀٽي، ڪمپني سيڪريٽري امتياز علي شاهه ۽ مشتاق رسول ناريجو کيس مختلف طريقن سان هراسان ڪري رهيا آهن ۽ سندس خلاف سوشل ميڊيا تي غلط پروپئگنڊا به ڪئي پئي وڃي. رابعه سمون جو چوڻ آهي ته هو قانون جي شاگردياڻي آهي ۽ مختلف اين جي اوز ۾ ڪم به ڪندي رهي آهي. هن الزام هنيو آهي ته کيس تنظيم جو فنانس ڊائريڪٽر ڄاڻائي مختلف الزام هنيا پيا وڃن ۽ فون ڪري جاني ۽ مالي نقصان جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون پيون وڃن. هن چيو ته کيس 28 سيپٽمبر 2020ع تي نوڪري ڏني وئي هئي ۽ هن تنظيم جي شڪي سرگرمين سبب 20 نومبر تي استعيفيٰ به ڏئي ڇڏي هئي. سندس پگهار 50 هزار رپيا مقرر ڪيو ويو هو. پگهار وٺڻ لاءِ هو آفيس وئي ته کيس آفيس ۾ بند ڪري هراسان ڪيو ويو. بعد ۾ جي او آر ٿاڻي تي فيصلو ڪري کيس 50 هزار رپيا پگهار ادا ڪئي وئي. ان دوران ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او اعجاز لاکو کيس هراسان ڪندڙ وقاص علي ڀٽي، امتياز علي شاهه ۽ مشتاق رسول ناريجو کان تحريري طور اها خاطري ورتي هئي ته هو کيس تنگ نه ڪندا پر ان جي باوجود کيس مختلف طريقن سان هراسان ڪري سندس جيئڻ جنجال بڻايو ويو آهي. هن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته ڄاڻايل ماڻهن خلاف قدم کڻي کيس حراسان ٿيڻ کان بچايو وڃي ۽ جن ماڻهن سان هنن فراڊ ڪيو آهي تن کي سندن رقمون واپس ڪرايون وڃن. هن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن کيس ذهني طور پريشان ڪرڻ جو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته هو انتهائي قدم کڻڻ تي هو مجبور ٿي پوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.