ناليوارو اردو شاعر ۽ دانشور نصير ترابي لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي ( رپورٽر ) اردو زبان جي نالي واري شاعر، لسانيات، لغت نويس ۽ دانشور نصير ترابي دل جو دورو پوڻ سبب 76 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، نصير ترابي جي جنازي نماز  اڄ نماز ظهرين بعد انچولي جي امام بارگاهه شهداءِ ڪربلا ۾ ادا ڪرڻ بعد سندس مڙهه سپر هاءِ تي واقع وادي حسين قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو، نصير ترابي 15 جون 1945ع تي حيدر آباد دکن ۾ پيدا ٿيو، وهاست دوران والدين سان گڏ پاڪستان آيو، هن شروعاتي تعليم ڪراچي مان حاصل ڪئي، 1968 ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان صحافت جي ڊگري حاصل ڪئي. هن 1962 ۾ شاعري شروع ڪئي، مشهور ڊرامي ” همسفر  “  لاءِ ٽائيٽل گيت ” وه همسفر ٿا مگر ان سي هم نوائي نه ٿي “ لکيو جيڪو بعد تمام گهڻو مشهرو پڻ ٿيو، هن شاعري، گيت، غزل، منقبت ۽ نعتن جا ڪتاب لکيا، هو مشهرو  ذاڪر اهلبيت علامه رشيد ترابي جو پٽ پٽ هو، جڏهن ته نصير ترابي پوئرن ۾ گهر واري ۽ ٻن پٽن راشد ۽ دانش ترابي سوڳوار ڇڏيا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.