پاڪستان جو انڊونيشيا جي قونصل جنرل جي وفات تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان جو ڪراچي ۾ انڊونيشيا جي قونصل جنرل ٽوٽوڪ پريا ناموٽوجي وفات تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. انڊونيشيا جو قونصلر جنرل گذريل ڏينهن دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪري ويو هو. آچر ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق قونصلر جنرل پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ م اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان قونصلر جنرل جي وفات تي ان جي پونئرن ۽ انڊونيشيا جي حڪومت سان به تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

غريب ملڪن کي به ڪورونا ويڪسين جي پهچ ممڪن بڻائي وڃي: ڊبليو ايڇ او

جنيوا(م ڊ)صحت واري عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل چيو آهي ته گهٽ آمدني وارن غريبن ملڪن کي به ڪورونا ويڪسين جي پهچ ممڪن بڻائي وڃي. صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل جنيوا مان ويڊيو ڪانفرنس ذريعي صحافين سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سائنسدانن کي چيني عملدارن سان ان مسئلي جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه جاري آهي. هن چيو ته 36 بلند ۽ 6 وچولي آمدني وارن ملڪن ۾ڪورونا ويڪسينيشن جي عمل جي شروعات جي واکاڻ ڪندي چيو ته گهٽ ۽ وچولي آمدني وارن ملڪن کي ويڪسين جي عدم پهچ هڪ اهم مسئلو آهي. هن چيو ته غريب ملڪن کي به ويڪسين جي پهچ ممڪن بڻائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.