ٽيڪس ڏيندڙ پاڪستان جا محسن آهن: عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٽيڪس ڏيڻ وارا پاڪستان جا محسن ۽ خراج تحسين جا حقدار آهن، اهڙن قدمن جو اضافو ڪيو وڃي جنهن سان ٽيڪس ڏيندڙن جي پذيرائي ٿئي.اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٽيڪس سڌارن جي حوالي سان اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير عبدالحفيظ شيخ، شبلي فراز، حماد اظهر، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، ايف بي آر چيئرمين جاويد غني ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا.اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽيڪس نظام ۾ ڪيترن ئي اهم سڌارن جا مثبت نتيجا حاصل ڪيا ويا آهن ۽ هلندڙ مالي سال جي 6 مهينن ۾ ٽيڪس جي جمع رقم 2205 ارب روپين کان وڌيڪ آهي.وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽيڪس ڏيڻ وارن جي تعداد ۾ اضافي جو رُجحان ڏسڻ ۾ آيو آهي،جڏهن ته وصولي جي نظام کي پاڻمرادو ڪري ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ۽ نئين ڊجيٽل نظام سان شفافيت جو عنصر نمايان ڪيو ويندو، جنهن سان ڪرپشن ۽ ٽيڪس چوري کي گهٽائي سگهبو.

فيسڪو ۽ ميپڪو ريجنز جي مختلف علائقن ۾ بجلي بحالي جو عمل جاري

اسلام آباد(م ڊ) فيسڪو ۽ ميپڪو ريجنز جي مختلف علائقن ۾ بجلي بحالي جو عمل تيزي سان جاري آهي. توانائي واريوفاقي وزير عمر ايوب خان ڪالهه آچر ڏينهن هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته فيصل آباد ريجن جي 112 گرڊز مان 92 گرڊز جي بجلي بحال ڪئي وئي آهي. هن چيو ته فيسڪو گرڊ سسٽم جو عملو بجلي بحال ڪرڻ جي لاءِ گرڊ اسٽيشنن تي تيزي سان ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ميپڪو ريجن جي ڪيترن ئي علائقن جي گرڊ اسٽيشنن کي بجلي جي فراهمي بحال ٿي وئي آهي، ملتان، مظفر ڳڙهه، بهاولپور، رحيم يار خان، وهاڙي، ساهيوال، خانيوال ۽ بهاولنگر سرڪلز جي 80 سيڪڙوگرڊز کي بجلي جي فراهمي شروع ڪئي وئي آهي.

پي ٽي آءِ مينٽيننس جي عمل ۾ ناڪام وئي: مفتاح اسماعيل

ڪراچي(م ڊ) ن ليگ اڳواڻ مفتاح اسماعيل چيو آهي ته تحريڪ انصاف گرمين جي موسم ۾ مينٽيننس جي عمل ۾ ناڪام وئي، حفاظتي پيراميٽرز جي جاچ ۽ ضرورت پوڻ تي خاص ڪوٽنگ لڳائڻي هئي، ملڪ ۾ بجلي بحران تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته مينٽيننس جو مطلب گڊو، ڄامشورو،مظفرڳڙهه وغيره تي انسوليٽرز جي صفائي ڪرائڻي هئي، ن ليگ پنهنجي دور ۾ مينٽيننس جو عمل شروع ڪيو هو، عمران خان ۽ هن جي ٽيم بناشڪ نااهل آهي، اسان هزارين ميل ڊگهي هاءِ والٽيج ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشن لائنون وڇايون،

ايف آءِ اي جاچ خلاف راڻا مشهود جي درخواست تي اڄ ٻڌڻي

لاهور(بيورو+م ڊ)لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ايف آءِ اي جاچ خلاف مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير رانا مشهود جيداخل درخواست تي ٻڌڻي اڄ سومر ڏينهن ٿيندي. درخواست گذار رانا مشهود ايف آءِ اي طرفان پنهنجي خلاف پنجاب اسپورٽس بورڊ جي جاچ پڙتال کي چئلينج ڪيو آهي. عدالت ايف آءِ اي کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.

بجلي بند هئڻ سبب ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن بند، پاڻي فراهمي معطل

ڌاٻيجي(ن ع آ) گذريل رات دير سان سڄي ملڪ ۾ بجلي جو بريڪ ڊائون ٿيڻ سان ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جا ھڙئي پمپ بند ,`ڪراچي شھر کي پاڻي جي سپلائي معطل  خبر موجب گذريل رات 12 وڳي  سڄي ملڪ ۾ اوچتو بجلي بند ٿيڻ جي ڪري سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي شھر کي پيئڻ جو پاڻي سپلائي ڪندڙ ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جا 24 پمپ بند ٿيڻ جي ڪري ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پيئڻ جي شديد قلت پيدا ٿي   بجلي بحال ٿيڻ کانپوءِ بعد واٽر بورڊ جي انتظاميا  ڪراچي شھر کي پيئڻ جو پاڻي بحال ڪرايوويو

نواز شريف ڪوڙ ٿو ڳالهائي، عدالت بي گناهه ناهي چيو: براڊ شيٽ

لنڊن( م ڊ) انگلينڊ جي هڪ فرم براڊ شيٽ نواز شريف جي دعويٰ رد ڪندي چيو آهي ته کيس عدالت بي گناهه قرار ناهي ڏنو. براڊ شيٽ جي سربراهه ڪيو مساوي چيو آهي ته نواز شريف ڪوڙ ٿو ڳالهائي. هو اسان جي حق ۾ آيل فيصلي کي پنهنجي بي گناهي سان ڳنڍي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان چاهي ته ڪرپٽ عنصر خلاف جاچ ۾ سهڪار ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته مشرف دور ۾ سياسي طور استعمال نه ٿيا هئاسين. 03

تربت بازار ۾ ڌماڪو، 4 ڄڻا زخمي

تربت(م ڊ)بلوچستان جي شهر تربت جي بازار ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيو آهي. آچر ڏينهن نجي ٽي وي چينلمطابق تربت پوليس بڌايو ته صبح وقت سينيما چوڪ تي ڌماڪو ٿيو. ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي جڏهن ته ٻن گاڏين کي به نقصان پهتو آهي. پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نوعيت ۽ نقصان جو اندازو لڳايو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.