پي ڊي ايم جو علاج ٿيڻ وارو آهي، نواز فوج ۾ بغاوت چاهي ٿو: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ شيعا سني ڏڦيڙ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسان جي ايجنسين ڀارتي ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، سيڪيورٽي ادارن ڪيترن ئي گروهن کي دهشتگردي کان اڳ گرفتاري ڪري ورتو.اسلام آباد ۾ سوشل ميڊيا ورڪرن سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته داعش کي ڀارت سپورٽ ڪري رهيو آهي، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي حڪومت جو هڪ ئي مقصد آهي ته پاڪستان ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪجي، ڀارت پاڪستان ۾ شيعا سني ڏڦيڙ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان جي ادارن فرقيوار تڪرار روڪڻ لاءِ بهترين ڪم ڪيو.هن چيو ته تبديلي هڪ مسلسل عمل جو نالو آهي، ڪو سوئچ ناهي جو آن ڪيون ته تبديلي اچي وڃي، اسان هڪ فيصلائتي مرحلي ۾ آهيون، هن چيو ته نواز شريف فوج کي چئي پيو ته جيڪڏهن فوج حڪومت نٿي ڪيرائي ته آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ سربراهه کي هٽايو وڃي، هن چيو ته پي ڊي ايم جي مايوسي جي انتها اها آهي ته هاڻي اهي جي ايڇ ڪيو وڃڻ جي ڳالهه پيا ڪن اطمنان رکو انهن سڀني جو علاج ٿيڻو آهي، هن اپوزيشن کي بي شرم قرار ڏنو. ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام مان رڳو 3 هزار ماڻهو 70 سيڪڙو ٽيڪس ڏيندا آهن، ٽيڪس نظام کي شفاف بڻائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي استعمال ڪنداسين.عمران خان چيو ته پ پ ۽ ن ليگ ملڪي نه ذاتي مفاد لاءِ گڏ ٿيون آهن، ڪرپٽ حڪومت سبب ملڪ ۾ مسئلا پيدا ٿيندا آهن ۽ دنيا حڪمرانن جي ڪرپشن خلاف نڪرندي آهي، انهن ايف اي ٽي ايف جي معاملي تي اين آر او وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪرپٽ عنصرن کي اين آر او ڏيڻ سان ملڪ کي نقصان ٿيندو، اين آر او نه ڏيندس، ان سان ملڪ تباهه ٿي ويندو،هن چيو ته ڀارت جيستائين والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت بحال نٿو ڪري ان سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن، پرڏيهي پاليسي ۽ سعودي عرب سان لاڳاپن ۾ سرد مهري بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ٽيمپريچر هيٺ مٿي ٿيندو رهندو آهي پر اسان جي ڪنهن ملڪ سان ڪا دشمني ناهي، پهرين افغانستان الزام هڻندو هو پر هاڻي ان سان به سٺا لاڳاپا آهن، طالبان سان ڳالهيون به اسان ئي ڪرايون آهن، هن چيو ته اسان جي اڳوڻين حڪومتن بلوچستان تي ڪڏهن ڌيان نه ڏنو هو، بلوچستان جا ووٽ فيصل آباد ضلعي کان به گهٽ آهن ته ان ڪري اتي ڌيان نه ڏنو ويو ڇو ته ان صوبي کان بغير ئي حڪومت بڻجي ويندي هئي، سردار ته امير تر ٿي ويا پر عوام غريب ئي رهجي ويو، عمران خان چيو ته اتي سردارن مقامي حڪومتن جو نظام به واضح ٿيڻ نه ڏنو، اسان پهريون ڀيرو بلوچستان تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، وزيراعظم اها به دعويٰ ڪئي ته هن کان مخالف ڌر جي پارٽين لکت ۾ اين آر او گهريو هو جنهن کي هن رد ڪري ڇڏيو، پي ڊي ايم تي تنقيد ڪندي هن چيو ته هن وقت سڄي گيم اها هلي رهي آهي ته اسان ان مافيا آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيون پر مان بار بار چوان ٿو ته اين آر او نه ڏيندس،مخالف ڌر ٽرمپ وانگر چونڊ نتيجا تسليم نه پئي ڪري پر اها ڌانڌلي جو ڪو به ثبوت پيش نه ڪري سگهي، هن چيو ته ملڪ جو ٽيڪس جو نظام تمام گهڻو بدعنوان آهي، هن ان جو ذميوار به ماضي جي حڪمرانن کي قرار ڏنو ۽ چيو ته انهن جا اخلاقي قدر اهڙا نه هئا جنهن سان اهو نظام درست ٿي سگهي،

هن وقت 22 ڪروڙ عوام مان رڳو 22 لک ٽيڪس ڏين ٿا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.