ن ليگ پاران بريڪ ڊائون حڪومت جي نااهلي قرار

لاهور (م ڊ ) مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ بجلي جي بريڪ ڊائون تي چيو آهي ته نااهلي جي سزا سموري پاڪستاني قوم ڀوڳي رهي آهي. مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته پاڪستان اونداهي ۾ ٻڏل آهي ۽ ڪنهن کي خبر ئي ناهي ته ائين ڇو ٿيو، .هن چيو ته عمران خان جو بيان اچڻ وارو آهي ته نوازشريف جا لڳايل پاور پلانٽس بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، هن چيو ته پاناما جي روزاني ٻڌڻي ٿي سگهي ٿي ته پوءِ فارين فنڊنگ جي ڇو نه، وزير ۽ ترجمانن جي فوج عملي طور تي اونداهي ۾ آهي، مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته نااهلي جي هڪ قيمت ۽ سزا آهي جنهن کي اڄ سموري قوم ڀوڳي رهي آهي،  مريم اورنگزيب چيو آهي ته نااهل حڪمرانن کي اڃا تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي ته بريڪ ڊائون ڇو ٿيو؟، پر کين اِها خبر پئجي وئي ته انُ جو ذميوار نواز شريف آهي،بجلي بريڪ ڊائون تي وفاقي وزيرن جي پريس ڪانفرنس اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر آهي، هوڏان ن  ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته  نااهل ۽ نالائق حڪومت کي ڪا خبر ئي ناهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.