خرابي بجلي سسٽم ۾ نه پر حڪومتي نظام ۾ آهي: اسماعيل راهو

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ حڪومت سموري ملڪ ۾ جلي بريڪ ڊائون کي وفاقي حڪومت جي نااھلي قرار ڏيندي چيو آھي ته سموري ملڪ ۾ اچانڪ اھڙي ڪھڙي سسٽم ۾ خرابي اچي وئي جو سمورو ملڪ اونداھي ۾ ٻڏي ويو.ان حوالي سان زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راھو چيو ته خرابي بجلي سسٽم ۾ نه پر حڪومتي سسٽم ۾ آھي، سليڪٽڊ حڪومت بجلي بند ڪري پوري ملڪ کي ري اسٽارٽ ڪري رھي آھي، قوم کي بس گھٻرائڻو ناھي.ھن چيو ته ملڪ ۾ ڪيترن ڪلاڪن کان بجلي بند آھي پر نااھل پتو نه لڳائي سگھيا ته ٿيو ڇا آھي، سنڌ ۾ اسپتالن ۾ بجلي بند آھي، مريض پريشان آھن، عمران خاان جي ٽيم نااھل نڪمي ۽ چور آھي چورن کان ملڪ نٿوھلي سگھي. اسماعيل راھو چيو ته گذريل ڏينھن عمران خان جي ضد جي ڪري پورو ملڪ جام ھيو ۽ ھاڻي بجلي بند ھجڻ سبب اونداھي ۾ ٻڏل آھي، بجلي بحال ڪئي وڃي سسٽم ۾ ڪيئن خرابي ٿي ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.