حڪومت پاڻ پنهنجي ٻيڙي پئي ٻوڙي: سراج الحق

لاهور(م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته حڪومت جا قدم خود ان جي سياسي ٻيڙي ٻوڙڻ وڃي رهيا آهن، هڪ بيان ۾هن چيو ته پهرين کنڊ برآمد ڪرڻ تي 27 ملين ڊالر پوءِ درآمد تي 96 ملين ڊالر ڪمايا ويا، اسلام آباد ۽ مچ واقعن جي جاچ ڪرائي قاتلن کي قوم آڏو سامهون آندو وڃي، عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ اضافي جي بجلي ڪيرائيندڙن پوري ملڪ جي بجلي بند ڪري ڇڏي، هن چيو ته ڪڻڪ پيدا ڪندڙ ملڪ ۾ ڪڻڪ درآمد تي 229ملين ڊالر ڪمايا ويا، وزيراعظم ٻڌائي ته اهو فائدو ملڪ کي حاصل ٿيو يا مافياز اربين رپين جو فائدو کنيو؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.