اساما ستي جي پوليس هٿان قتل واقعي خلاف ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن (ن) ڪراچي ڊويزن پاران اسلام آباد ۾ پوليس هٿان شاگرد اساما ستي کي گوليون ھڻي قتل ڪرڻ واري عمل خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ صدر  محمد سهيل،صوبائي جنرل سيڪريٽري عاقب خان تنولي ۽ ٻين چيو ته وفاقي حڪومت جي ناڪامي ۽ نااهلي کي ملڪ ۾ وڌندڙ لاقانونيت  جو ذميوار ڪوٺائيندي چيو آهي ته  اساما ستي جي شهادت کانپوءِ بلوچستان جي علائقي مچ ۾ غريب مزدون جو بي رحمي سان قتل ڪيو ويو آهي،هنن چيو ته وفاقي گهرو شيخ رشيد اساما جي واقعي تي وارثن سان ملڻ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته اهي واقعا معمولي آهن ۽ اهڙا واقعا ٿيندا رهندا آهن ۽  اهڙن واقعن تي به ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ۽ وفاقي گهرو وزير شيخ وارثن تعزيت دوران قاتلن کي سزا ڏيڻ جو پڻ يقين ڏياريو  هو ۽ جنهن تي هن وقت ڪو به عمل ناهي ٿي سگهيو.ان موقعي تي ياسر چيو ته حڪمران پنهنجي نااهلي تسليم ڪري استعفيٰ ڏئي گهر هليا وڃن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.