حيدرآباد ۾ گئس جو بحران سنگين ٿي ويو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ گئس جو بحران ختم نه ٿيو. صائمه پلازه جي دڪاندارن ۽ شهرين گئس جو پريشر گهٽ هئڻ ۽ لوڊ شيڊنگ خلاف احتجاج ڪيو. شھرين احتجاج ڪندي چيو ته لوڊشيڊنگ سبب اسان سخت پريشان آھيون. هنن چيو ته گئس جو پريشر گهٽ هجڻ ۽ لوڊشيڊنگ روز جو معمول بڻيل آهي. شهرين مطالبو ڪيو ته گئس جي بندش ۽ گهٽ پريشر جو نوٽيس وٺي پريشانين کان بچايو وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.