انڊونيشيا کان عمره زائرين جي پهرين وفد جي سعودي آمد

مڪو شريف(م ڊ)سعودي عرب ۾ اڏامن جي بحالي بعد انڊونيشيا کان عمره زائرين جو پهريون وفد جده جي ڪنگ عبدالعزيز انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهتو. عرب ميڊيا مطابق سعودي وزارت اڄ ۽ عمره چيو آهي ته عمره زائرين کي ايئرپورٽ کان مڪه مڪرمه وٺي وڃبو جتي عمري جي ادائگي کان اڳ قرنطنيه جي مقرره مدت هوٽل ۾ گذاريندا. عمره واري وزارت زائرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو سعودي عرب پهچڻ کان وٺي روانگي تائين سلامتي جي اصولن ۽ حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪن. هن چيو ته انتظام ڪندڙن جي رهنمائي ۾ عمره ۽ زيارت جا سمورا مرحلا طئي ٿيندا. جڏهن ته هدايتن تي پابندي ۾ اوهان جي سلامتي آهي.

مالم جبا ڪيس ۾ مون تي ڪرپشن جو ڪو به الزام ناهي: پرويز خٽڪ

نوشهره(م ڊ) دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته مون تي ڪرپشن جو ڪو به الزام نههو، مالم جبا ڪيس ۾ ٻن کاتن جو پاڻ ۾ جهيڙو هو، اپوزيشن پاڻ تي ڪرپشن جا الزام غلط سمجهي ٿي ته نيب آڏو پيش ٿي وڃي، هن چيو ته مالم جبا ڪيس ۾ هڪ کاتو چوي ٿو ته زمين ٽوئرازم جي آهي ٻيڳو چوي ٿو ته زمين فاريسٽ جي آهي، مان ته نيب آڏو پيش ٿي پنهنجي صفائي پيش ڪري چڪو آهيان.

ڀارتي فوج جو والاريل ڪشمير ۾ آپريشن

سرينگر(م ڊ) غير قانوني طورتي ڀارت جي قبضي هيٺ آيل ڄمون و ڪشمير ۾ ڀارتي فورسزگذريل ڏينهن صبح جو بڊگام ضلعي ۾ سرچ ۽ گهيراءَ جون ڪارروائيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فورسز ضلعي بيروه جي علائقي بونه مڪامه جو گهيراءِ ڪيو ۽ گهر گهر ڳولا جي ڪاروائي شروع ڪري ڇڏي.  فورسز ڄاڻايل علائقي جي سمورن  رستن کي بند ڪري ڇڏيو . ڀارتي پوليس جي هڪ آفيسر صحافين کي ٻڌايو ته گهيراءِ ۽ ڳولا جي ڪاروائي مجاهدن جي موجودگي جي اطلاع تي شروع ڪئي وئي آهي . آخري اطلاع اچڻ تائين علائقي ۾ ڀارتي فوج جو آپريشن جاري هو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.