وفاقي سرڪار بجلي بريڪ ڊائون جو ملبو گذريل حڪومتن تي وجهي ڇڏيو!

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ماضي جي حڪومتن پهچ ۽ ورڇ تي ڌيان نه ڏنو، انهي جي ڪري سڄي ملڪ ۾ اوچتو بجلي جو نظام متاثر ٿيو، اهڙي صورتحال ۾ به افواهه پکيڙيندڙ فيڪٽرين افواهون پکيڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو ڪالهه آچر ڏينهن توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان سان گڏ ملڪ ۾ بجلي جي بندش بابت گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته بجلي جي پهچ ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي، ان دوران ڪيترين ئي افواهن جنم ورتو. هن چيو ته بجلي جو شعبو ملڪ ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ماضي جي حڪومت جنريشن تي ڌيان ڏنو ۽ پهچ ۽ ورڇ جي نظام تي ڌيان نه ڏنو ۽ نه ئي پهچ جي نظام ۾ نئين ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرايو ويو. هن چيو ته بجلي جي پيداواري صلاحيت 36 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ آهي جڏهن ته پهچ جو نظام ان سان هڪ جهڙائي نه ٿو رکي. هن چيو ته نظام جي اپ گريڊيشن نه ٿيڻ جي ڪري فني مسئلا درپيش آهن. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته مٽياري جي لائين جلد مڪمل ٿيڻ واري آهي جڏهن ته پهچ جي نظام کي بهتر بڻايو پيو وڃي. ان موقعي تي توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان چيو ته گذريل رات گڊو ۾ انجنيئرنگ فالٽ جي ڪري شٽ ڊائون ٿيو، هڪ ٻئي پٺيان پاور پلانٽس بند ٿي ويا، اهو فني مسئلو آهي، مڪمل جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ڳولا ڪري رهيا آهيون ته مسئلو ڪٿي ٿيو، اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، ملتان سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي بحال ٿي وئي آهي، وڌيڪ ڪجهه ڪلاڪن ۾ پوري ملڪ ۾ صورتحال بهتر ٿي ويندي. گذريل دور ۾ به اهڙا 8 واقعا ٿيا، اسان سسٽم کي بهتر بڻايو آهي. ڪالهه آچر ڏينهن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته گذريل رات 11 لڳي 41 منٽن تي گڊو پاور پلانٽ ۾ فالٽ ٿيو جنهن جي ڪري هڪ سيڪنڊ جي اندر فريڪونسي ڊراپ ٿي زيرو تي اچي وئي آهي، هڪ ٻئي پٺيان سيفٽي سسٽم پاڻ کي شٽ ڊائون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، اهو بلڪل ائين آهي جيئن گهر ۾ اوور لوڊ ٿيڻ تي فيوز اڏامي ويندو آهي. 10302 ميگاواٽ تي جتي پاور پلانٽ هلي رهيا هئا بشمول منگلا، تربيلا ۽ ونڊ پاور پلانٽس سسٽم مان آئوٽ ٿي ويا. هن چيو ته شٽ ڊائون جي فوري پوءِ آئون ۽ سمورا ذميوار نيشنل پاور ڪنٽرول سينٽر پهچي وياسين. اطلاعات وارو وزير به صورتحال مانيٽر ڪندو رهيو. قوم کي فوري اعتماد ۾ ورتو اهو به ٻڌايو ته ڪهڙن ڪهڙن شهرن ۾ بجلي ڪيتري دير ۾ بحال ٿي ويندي، تربيلا کي ٻيهر اسٽارٽ ڪيو اهو سنڪ ٿي ويو. هن وقت اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور ۽ ڀرپاسي، فيصل آباد شهر جو اڌ حصو، جهنگ، ميانوالي، ملتان ۾ تمام گهڻي حد تائين بجلي بحال ٿي چڪي آهي. ڪراچي اليڪٽرڪ کي 400 ميگاواٽ جي سپلاءِ ٿي چڪي آهي. سسٽم کي واپس آن لائن آڻڻ ۾ ڪجهه ڪلاڪ وڌيڪ لڳندا. ان جي سببن بابت في الحال حتمي طور تي ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي. گڊو جي ڀرپاسي ڌُنڌ جي ڪري ڪجهه نظر نه اچي رهيو هو. 500 ڪي وي جي لائينز جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ ڳولا ڪري رهيا آهيون ته فالٽ ڪٿي آيو؟ هن ٻڌايو ته اسان جي حڪومت ايندي ئي 49 ارب رپيا ٽرانسميشن جي بهتري جي لاءِ لڳايا. ان سان ساڍا چار هزار ميگاواٽ جي بهتري آئي. مسلم ليگ جي دور ۾ 2013ع کان 2018ع تائين اهڙا 8 واقعا ٿيا هئا، اسان سسٽم ۾ انويسٽمينٽ ڪئي، ٽيمن جي آن لائن گرائونڊ موجودگي کي يقيني بڻايو، جن کي هر طريقي سان مئنيج ڪري رهيا آهيون، پهچ جي نظام ۾ بهتري اچي رهي آهي. ان ۾ سيڙپڪاري ڪئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان سسٽم جو الميو اهو آهي ته گرمين ۾ وڌ کان وڌ 24، 25 هزار ميگاواٽ تائين سسٽم ويو هو. سردين ۾ ڊيمانڊ گهٽ ٿي وڃي ٿي، ڏينهن ۾ سراسري ڊيمانڊ 13، 14 هزار ميگاواٽ رهي ٿي، رات 11، 12 وڳي 10 هزار ميگاواٽ تائين ٿئي ٿي، گڊو مان 500 ڪي وي جا 3 سرڪٽ نڪرن ٿا. اڃا خبر نه پئجي رهي آهي ته ڪهڙي سرڪٽ ۾ مسئلو ٿيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فريڪونسي ويري اسٽيشن مان سسٽم ۾ جيڪي بريڪر لڳل هوندا آهن اهي آٽوميٽڪ شٽ ڊائون ٿي وڃن ٿا. هن چيو ته اسان ڌُنڌ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوگ انسوليٽرز هنيا آهن، جنهن جي ڪري اهو مسئلو حل ٿي ويو آهي. رات به تمام گهڻي ڌُنڌ هئي، مٽياري ٽو لاهور لائين تي 1.06 ارب ڊالر/ اڍائي سئو ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪئي آهي. مارچ اپريل تائين اها آپريشنل ٿي ويندي. هن چيو ته 16 مئي 2018ع تي به 4 لڳي 28 منٽن تي اهڙو شٽ ڊائون ٿيو هو، 9 ڪلاڪ 13 منٽ تائين شٽ ڊائون رهيو، اهو جزوي هو، پوري ملڪ ۾ نه هو. حويلي پاور پلانٽ ۽ ڀڪي پاور پلانٽ ۾ ايشو آيو هو. هن وقت اسان ايمرجنسي جي صورتحال مان نڪري آيا آهيون. سسٽم اسٽيبل ٿي چڪو آهي. سڄي رات اسان سُتا ناهيون. سمورا ذميوار ۽ آئون پاڻ صورتحال کي مانيٽر ڪندو رهيو آهيان. ان واقعي جي آزاداڻي انڪوائري ٿيندي. اهو فني نوعيت جو ڪم آهي، انجنيئرز ئي ان کي ڏسندا. وزيراعظم عمران خان کي وقت سر صورتحال بابت آگاهه ڪيو ويو، ان جون هدايتون هيون ته فوري طور تي معاملي کي ڏسو ۽ بهتري جي لاءِ قدم کڻو. گڊو ۾ 3 سرڪٽ مختلف رخن ۾ نڪتا آهن. هڪ هڪ ٽاور پول جو جائزو ورتو پيو وڃي. هڪ هڪ انسوليٽر کي ڏسي رهيا آهيون، اسان جون ٽيمون هڪ هڪ جڳهه تي وڃي جائزو وٺي رهيون آهن. وڌيڪ ٻه ٽرانسميشن لائينون وڇائي رهيا آهيون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٻن سالن ۾ مين لائينن ۾ ڪا خرابي نه ٿي اسان سسٽم کي بهتر ڪري ڇڏيو آهي. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اهڙي قسم جا مسئلا ٿيندا آهن. ڪئناڊا، آمريڪا، برطانيا ۾ به انجنيئرنگ فالٽ ٿيندا آهن. هي به هڪ انجنيئرنگ فالٽ آهي. اسان کي پرابلم ڳولڻو آهي، اسان جي حڪومت ۾ ٻن سالن ۾ هيستائين پهريون ڀيرو مسئلو آيو آهي. اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ 8 ڀيرا اهڙو مسئلو آيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.