پاڪ ڀارت جنگ ۽ مارشلا جا افواهه

اسلام آباد(م ڊ) ڇنڇر جي رات 11 لڳي 41 منٽن تي بليڪ آئوٽ سبب 70 سيڪڙو کان وڌيڪ ملڪ اونداهي ۾ ٻڏل رهيو ۽ رابطا نه هئڻ سبب ڪيترن ئي قسمن جي افواهن به جنم ورتو، هم نيوز سان ڳالهائيندي شهرين جو چوڻ هو ته ايتري تڪليف بجلي بندش سان ناهي ٿي جيترو افواهن پريشان ڪيو، سوشل ميڊيا تي پاڪ ڀارت جنگ جو افواهه به پکڙيو ۽ مارشلا به ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو، پاڪ ڀارت جنگ جو افواهه ان وقت پکڙيو جڏهن هڪ ٽوئيٽر صارف پاڪستان ايئرفورس کي الرٽ رهڻ جو مشورو ڏنو، مارشلا ۽ بليڪ آئوٽ پاڪستان جي ٽرينڊ ۾ ماڻهن افواهه پکيڙيندڙن جو مذاق به اڏايو ۽ حڪومت تي سخت تنقيد به ڪئي، لاهور مان هڪ شهري هم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته افواهه گهڻا پکڙجي ويا ڪنهن چيو ته ڀارت حملو ڪري ڇڏيو آهي،لاهور ته هونئن ئي بارڊر جي ويجهو آهي، ان ڪري وڌيڪ ڳڻتي ٿي، ڪوڙيون خبرون ڦهلائيندڙن کي خيال ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم جي صلاحڪار شهباز گل هڪ ٽوئيٽ تي تبصرو ڪندي لکيو ته توهان ته هر وقت فلم بڻائيندا رهندا آهيو، ڪڏهن ٿرٿلو ڦهلائڻ کان به مڙي ويندا ڪريو

”نئون پاڪستان ري اسٽارٽ “ بريڪ ڊائون بابت ٽوئيٽر تي دلچسپ تبصرا، ميمز

ڪراچي( م ڊ) ملڪ ۾ ڊگهي بريڪ ڊائون بابت سوشل ميڊيا تي دلچسپ تبصرا ٺاهيا ويا جڏهن ته عمران خان ، مريم نواز، بلاول، زيد حامد،اسحاق ڊار جون مميون ٺاهي دلچسپ تبصرا ڪيا ويا. هڪ صارف عمران خان جي نائٽ ڊريس واري تصوير رکي چيو ويو ته فڪر نه ڪريو، نئون پاڪستان ري اسٽارٽ ٿي رهيو آهي. بلاول جي ممي جوڙي چيو ويو ته سنڌ ۾ ڪيترائي ضلعا بجلي بريڪ ڊائون کان بچيل آهن، ڇاڪاڻ ته  اتي بجلي هوندي ئي ناهي. اسحاق ڊار بابت چيو ويو ته هي بريڪ ڊائون منهنجي آن لائن ڪلاسن وقت ڇو نه ٿو ٿئي. هڪ صارف زيد حامد جا طنزيا ٽوئيٽ رکي چيو ته ڀارت حملو ڪيو آهي، هڪ ٻئي صارف چيو ته اوهان بسم الله ڪري ڀارت ۾ داخل ٿيو، ٿي سگهي پوءِ بجلي اچي وڃي. موبائلن جي چارجنگ جي مسئلن سبب موبائلن کي واش بيسن تي چارج ڪندي ڏيکاريو ويو.. : صارف  چيو ته آمريڪا ۾ پاور بريڪ ڊائون ۽ پاڪستان ۾ ايٽمي توانائي منتقلي چيو وڃي ٿو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.