اوٻاوڙو ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ ڀاءُ هٿان ڀيڻ قتل

اوٻاوڙو (ن ع آ ) اوٻاوڙو ويجهو ڳوٺ وروالو ۾ مبينا ڪارنهن تهمت مڙهي ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته 16 سالن جي ناري سبحانه شر کي سندس ڀاءُ  لياقت شر پسٽل جون گوليون هڻي قتل ڪيو آهي،لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، مقتولڻ ناري جي پيءُ علي گل شر ٻڌايو ته منهنجي پٽن لياقت شر ۽ معشوق شر ۾ شراب واپرائڻ جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو ، جن کي ڇڏائڻ دوران ڌي کي گولي لڳي وئي، پوليس جو چوڻ آهي ته لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائي رهيا آھيون، جنهن بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو، جڏهن ته جوابدار واقعي بعد فرار ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.