سکر ۾سپرمارڪيٽ مان ڦر، مزاحمت تي واپاري قتل، 2 ڄڻا زخمي

سکر(رپورٽ : شفيع محمد ابڙو) سکر ۾هٿياربندن سپرمارڪيٽ مان ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ واپاري قتل ٿي ويو، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. سوسائٽي واري علائقي آباد ٿاڻي جي حد ۾ سپر اي ون مارڪيٽ تي هٿياربندن حملو ڪري ڦرلٽ شروع ڪئي، جنهن دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا.گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ مارڪيٽ جو مالڪ عمران چنو موقعي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا محمد نواز جتوئي ۽ قالو عباسي سخت زخمي ٿي پيا ، هٿياربند سپرمارڪيٽ مان ڦر لٽ ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي آباد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل دڪان مالڪ عمران چنو جو لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال سکر پهچايو،  جتي فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو، جيڪي سندس ڳوٺ سيتاروڊ کڻائي ويا. جڏهن ته زخمين جو سول اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي. هوڏانهن واقعي بابت پوليس جو چوڻ آهي ته ٻن اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن واردات ڪئي، سي سي ٽي فوٽيج هٿ ڪيا آهن، پوليس موجب جوابدارن جا سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ ڪيا ويا آهن، هوڏانهن اطلاع تي ايس ايس پي عرفان سمون واقعي واري هنڌ ۽ سول اسپتال پهچي تفصيل معلوم ڪيا ۽ پوليس کي فوري جوابدار گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

خيرپور ۾ بدامني جي لهر، هندو واپاري جي گهر ۾ ڌاڙو، مزاحمت تي ڀائٽيو قتل

سکر(رپورٽ: اختيار چنا ) خيرپور بي سيڪشن ٿاڻي جي لقمان مان واپاري اڳواڻ ماندو مل جي گهر مان ڦر جي واردات گهر ڀاتين جي مزاحمت تي جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ماندو مل جو ڀائٽيو گوليون لڳڻ سبب سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي واقعي ۾ ملوث جوابدارن راشد شر ۽ ماجد شر کي پاڙي وارن سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، واپاري مانڌو مل جو مقتول ڀائٽيوديپڪ ڪمار پڻ واپاري آهي ٻئي طرف خيرپور ۾ هندو ڪميونٽي ۾ وڏي ڪاوڙ واري لهر ڇانيل آهي، متاثر گهر ۾ ڪهرام متل آهي، هوڏانهن هندو پنچائت  ڪميٽي جي  اڳواڻ گرمک مل ۽ ٻين چيو ته هندو ڪميونٽي کي ٽارگيٽ ڪري انهن مٿان حملا ڪيا پيا وڃن هندو ڪميونٽي پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهي رهي آهي تنهن ڪري ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي کي گهرجي ته هندو ڪميونٽي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.