ميروخان لڳ ڀائرن ۾ جهيڙو، ڇڏائيندڙ سئوٽ مارجي ويو

ميروخان (ن ع آ ) ميروخان ڀرسان ڏيڍ جريب زمين جي معاملي تان ٻن ڀائرن ۾ جهيڙو ، ڇڏائڻ لاءِ ويل سئوٽ ڏنڊو لڳڻ سبب قتل ، بهرام ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي جي وانڍ ۾ ڀائرن نظام لاشاري ۽ رزاق لاشاري وڙهي پيا. مقتول جو لاش ميروخان اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي . ڪيس داخل نه ٿي سگهي .  تفصيل موجب :  ميروخان لڳ بهرام ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي جي وانڍ ۾ ٻن ڀائرن نظام لاشاري ۽ عبدالرزاق لاشاري وچ ۾ ڏيڍ جريب زمين جي ماپ جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو ۔ ٻنهي ڀائرن وچ ۾ جهيڙي دوران ٻنهي ڀائرن کي ڇڏائڻ لاءِ ويل سندن جو سئوٽ 65  ورهين جو پيرسن رحمت الله لاشاري  ڏنڊو لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو جنهن کي بهرام اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ فوت ٿي ويو ۔ جڏهن ته اهڙي واقعي جو اطلاع ملڻ بعد بهرام پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل پيرسن رحمت الله لاشاري جو لاش تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال ميروخان آندو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ۔ بهرام پوليس موجب واقعو ڏيڍ جريب زمين جي معاملي تان پيش آيو .

آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هيو . هوڏانهن مقتول پيرسن جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.