راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج طرفان ڪنٽرول لائن تي بنا سبب فائرنگ ۾ 2 پيرسن شهري زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوجين سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي ايل او سي جي بروه ۽ خنجر سيڪٽرز ۾ شهري آبادي تي مارٽر گولن ۽ آٽوميٽڪ هٿيارن سان بنا سبب فائرنگ ڪئي.
ڀارتي فوج جي بنا سبب فائرنگ ۾ هڪ ئي خاندان جا 2 پيرسن زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال نيو ويو.
بيان ۾ ٻڌايو ويو ته اهو ڀارتي شرپسندي سان هلندڙ سان ٿيندڙ پهريون جاني نقصان آهي، ڀارت پهرين جنوري کان هيل تائين 38 ڀيرا سيز فائز جون ڀڃڪڙيون ڪري چڪو آهي.